ڪنري (ن پ ا) اٽي ۽ ٻين شين جي اگهن ۾ واڌ خلاف شهري جي درخواست تي سول ڪورٽ ۾ ٻڌڻي، اي سي کي شوڪاز، ذاتي حيثيت ۾ 12 جنوري تي طلب، تفصيل موجب اٽي ۽ کاڌي پيتي جي ٻين شين جي اگهن ۾ هٿرادو واڌ خلاف شهري پاران داخل ڪرايل درخواست تي سول ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ اي سي، واپاري تنظيمن جا اڳواڻ ۽ فلور مل مالڪ پيش نه ٿيا، جنهن تي عدالت سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، عدالت اي سي جنيد عالم کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ۽ فلور مل مالڪن کي نه نوٽيس جاري ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي طلب ڪري ورتو.