ننگرپارڪر (ن پ ا) ننگرپارڪر لڳ ڳوٺ جهانپو ۾ ناياب نسل جي هرڻ جو شڪار ڪيو ويو، وائلڊ لائيف کاتي ڪو به نوٽيس نه ورتو، ان ڏس ۾ ڳوٺاڻي اختيار احمد سولنگي ٻڌايو ته شڪارين اسان جي ڳوٺ ۾ رڻ ٻاري ڏنو آهي، هن چيو ته گذريل ڏينهن ناياب نسل جو هرڻ ڳوٺ ٻورلي سان تعلق رکندڙ شڪاري شڪار ڪري پاڻ سان گڏ کڻي ويا، جڏهن ته اسان شڪار واري هنڌ رت جا نشان ۽ گاڏي جي ٽائرن جا نشان محفوظ ڪري بروقت وائلڊ لائيف عملدارن کي اطلاع ڪيو پر اڃا تائين ڪير به واقعي واري هنڌ نه پهتو آهي، هن چيو ته ان کان اڳ به ساڳيا شڪاري  هڪ هرڻ شڪار ڪري ويا هئا، هن وس وارن کان نوٽيس وٺي شڪارين خلاف ڪاروائي جو مطالبو ڪيو.