ميرواهه گورچاڻي (ن پ ا) ميرواھ گورچاڻي شهر جا رهواسي جديد دور ۾ به بنيادي سهولتن کان محروم آهن، شهر واٽر سپلاءِ ورهين کان ناڪاره بڻيل آهي، جنهن سبب ر هواسي پيئڻ جي صاف پاڻي کان محروم آهن، جڏهن ته شهر ۾ بجلي جي روزانو 18 ڪلاڪ لوڊ شيڊنگ سبب رهواسين جو ڪاروبار ٺپ ٿي ويو آهي، ٽائون ڪاميٽي جي ٻهراڙي جي ٽن وارڊن جا سمورا روڊ رستا اکڙيل آهن، جڏهن ته لال بخش رستماڻي، ڳوٺ غلام محمد لغاري، سميت ٻيا ڪيترائي پرائمري اسڪول بند پيل آهن جنهن ڪري سوين ٻارڙا تعليم جهڙي زيور.کان محروم آهن، ان حوالي سان شهر جي سياسي سماجي اڳواڻن سيد ضمير الحق، عرفان ظفرياب راجپوت ۽ ٻين دانيهندي چيو ته شهر ۾ ترقياتي ڪم نه ٿيڻ سبب سهولتون کان محروم آهيون، هنن چيوته جديد دور ۾ گئس به نه هجڻ سبب ڪاٺيون ٻارڻ تي مجبور آهيون، هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وڃن.