قمبر (رپورٽر) قمبر شھدادڪوٽ ضلعي ڪائونسل جي ملازمن 2 مهينن کان پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي عبدالحسين جاگيراڻي، حاڪم چانڊيو، نثار شابراڻي ۽ ٻين چيو ته قمبر شهدادڪوٽ ضلعي ڪائونسل جي ايڊمنسٽريٽر جي چارج ڊي سي قمبر کي مليل ھئي جيڪا هن گذريل اپريل ۾ ڇڏي ڏني آهي، جنهن سبب پگهار واري بل تي صحيح ناهي ٿي سگهي، هنن چيو ته ضلعي ڪائونسل جا 112 ملازم گذريل 2 مھينن کان پگهارون نه ملڻ سبب مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن، هنن مطالبو ڪيو ته ملازمن کي پگهارون ڏئي مسئلو حل ڪيو وڃي.