ٽنڊومحمدخان (رپورٽ امتياز مڱريو) ٽنڊومحمدخان ۾ پنجاهه سال پراڻو ڊرينيج سسٽم ناڪاره ٿي ويو آهي، جنهن ڪري شهر ۾ روزانو گٽرن جو گندو پاڻي جمع ٿي وڃي ٿو، هر طرف گندگي جاڊير پيل آهن، چونڊيل نمائنده ۽ ضلعي انتظاميا ڪوبه تدارڪ نه ڪيو، ڊرينيج نظام 50 سال اڳ ٺهيل پراڻو هجڻ ڪري پراڻيون لائينون سڙي ٽٽي ويون آهن. شهر جا مک ڪاروباري مرڪز ۽ علائقا اسٽيشن روڊ ، تين بتي چار رستو ، نصير آباد ، بهراڻي پاڙو ، دولها جو پڙ ، ميرپاڙو ، شوڪت ڪالوني ، ٽالپر ڪالوني ، سومرا پاڙو ، سيرت النبي چوڪ ، گلشن فيض ڪالوني، پاٽارڳوٺ سميت اڪثر علائقا گٽرن ۽ نالين جي گندي پاڻي جي لپيٽ هيٺ رهن ٿا ، روڊن ۽ رستن تي گٽرن جو گندو پاڻي بيهجي وڃڻ ڪري شهر واسين کي خت پريشانين سان منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. رمضان جي ڀلاري مهيني ۾ به گٽرن جو گندو پاڻي ڏيڍ کان ٻه فٽ بيهڻ ڪري نمازين کي مسجدن ڏانهن وڃڻ ۾ سخت دشواريون پيش اچي رهيون آهن. ان سان گڏوگڏ واپاري سرگرميون پڻ سخت متاثر ٿي رهيون آهن، مختلف وبائي بيمارين پڻ منهن ڪڍيو آهي، گندو پاڻي جمع ٿيڻ ڪري مڇرن جو سخت آزار وڌي ويو آهي جنهن جي ڪري مليريا پڻ تيزي سان پکڙجي رهيو آهي، 50 سال پراڻو ڊرينيج نظام زبون حال ٿيڻ ڪري شهر واسي سخت عذاب ۾ مبتلا آهن ، چونڊيل نمائندن ۽ ضلعي انتظاميا پاران هر ڀيري شهر جو ڊرينيج نظام بهتر ڪرڻ لاء رٿابندي ڪندي ڪروڙين رپين جون بجيٽ ۾ وڏيون رقمون رکيون وڃن ٿيون پر ڊرينيج نظام اهو ساڳيو پراڻو هلي رهيو آهي، ڊرينيج نظام ناڪاره هئڻ ڪري برسات پوڻ دوران سڄو شهر تلاء جو ڏيک ڏيڻ لڳندو آهي، مليل ڄاڻ موجب پبلڪ هليٿ ۽ ميونسپل انتظاميا جي عملدارن پاران شهر ۾ بيٺل گندو پاڻي نيڪال ڪرڻ لاء گذريل هڪ مهيني کان شهر جي اسٽيشن روڊ ، بهراڻي پاڙو ، سومرا پاڙو سميت مختلف علائقن ۾ موٽرون لڳايون ويون آهن جيڪي ڪجهه ڪلاڪ هلن ٿيون پر انهن جي ڊيزل ۽ پيٽرول جو خرچ روزانو هزارين روپيا ڏيکاري سرڪاري خزاني کي نقصان رسايو پيو وڃي.