ٽنڊومحمدخان : ٽنڊومحمدخان جي شهرين ۽ سماجي اڳواڻن عبدالحفيظ سٺيو، غلام ياسين سمون، سلطان قريشي، ذوالقرنين ۽ ٻِين روزاني پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ڊرينيج جو پراڻو نظام هئڻ ڪري شهر واسي سخت عذاب واري زندگي گذاري رهيا آهن گٽرن ۽ نالين جو گندو پاڻي بيهڻ ڪري وبائي بيماريون ڦهلجي رهيون آهن مڇرن جي يلغار آهي، هنن چيو ته پبلڪ هليٿ ۽ ميونسپل ڪاميٽي انتظاميا جي ڳٺ جوڙ هئڻ ڪري ڊرينيج جو نظام بهتر ناهي ٿي سگهيو چونڊيل نمائنده به ٽنڊومحمدخان ضلعي جي هيڊ ڪوارٽر واري شهر جو ڊرينيج سسٽم بهتر ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ويا آهن ۽ شهر جو عوام بي يارو مددگار بڻيل آهي هنن وڌيڪ چيو ته هر سال جيان هن ڀيري به عيدالفطر تي شهري مجبورن روڊن ۽ رستن تان گٽرن ۽ نالين جي گندي پاڻي جي وچ مان گذرندا جيڪڏهن هن جو فوري تدارڪ نه ڪيو ويو ته شهري احتجاج تي مجبور ٿي ويندا