ميرواهه گورچاڻي (ن پ ا) ميرواهه گورچاڻي لڳ ڳوٺ نويد ڪامران بلوچ فارم تي پيئڻ جي صاف پاڻي جو ڪروڙين رپين جي بجيٽ سان جڙيل فلٽر پلانٽ ڪامورن جي بي ڌياني سبب ناڪارا بڻيل آهي. ڳوٺ ۾ فارم جي مينجر نياز محمد کوسو، رائمل ڪولھي شاهنواز خاصخيلي، جاويد عالماڻي پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته ڳوٺ ۾ پيئڻ جي پاڻي جي تمام گهڻي تڪليف آهي، هن ڳوٺ ۾ هڪ فلٽر پلانٽ مليو جيڪو سرڪاري ڪامورن جي بي ڌياني سبب ناڪارا بڻيل آهي، اسان زمين مان هٿ وارا نلڪا لڳائي سنکيو مليل زهريلو پاڻي واپرائڻ تي مجبور آهيون. هنن وس وارن کي اپيل ڪئي ته فلٽر پلانٽ جي مرمت ڪرائي پيئڻ جي پاڻي جي سهولت بحال ڪري ڏني وڃي.