ميهڙ (ن پ ا) ميهڙ فرسٽ ايڊيشنل جج جي ڪورٽ جي آءِ ٽي ڊپارٽمينٽ جي عمارت جي ڪمري جي ڇت ڪري پئي ، جنهن سبب آءِ ٽي برانچ جو ڪلارڪ مدد علي ڳورڙ ڇت جي فارسلنگ جا چاپڙ لڳڻ سبب سخت جي زخمي ٿي پيو ، جڏهن آءِ ٽي برانچ جي آفيس ۾ ڪم ڪندڙ ٻيا ملازم آفيس ڇڏي ڪم ڪار بند ڪري ٻاهر نڪري آيا، آءِ ٽي برانچ جي ڪمري جي ڇت ڪرڻ سبب فرسٽ ايڊيشنل جج جي آءِ ٽي برانچ جو سمورو ڪم ڪار معطل ڪيو ويو ، زخمي ڪلارڪ مدد علي ڳورڙ چيو ته آءِ ٽي ڊپارٽمينٽ جي عمارت ٺهرائيندڙ ٺيڪيدار پاران ناقص مٽيريل استعمال ڪرڻ ڪري ڪمري جي ڇت ڪري پئي. هن عمارت جو ڪم ڪرائيندڙ ٺيڪيدار خلاف جانچ جو مطالبو ڪيو آهي