موٽر وي اسڪينڊل: ايف آءِ اي جاچ جو دائرو وڌائي ڇڏيو، تاشفين عالم جي گھرواري به جاچ ۾ شامل

0
339
موٽروي اسڪينڊل: ٺيڪيدار

نوشھروفيروز (رپورٽر) ايم سڪس موٽروي ميگا ڪرپشن ڪيس ۾ ايف آءِ اي جاچ  جو دائرو وڌائي ڇڏيو آھي، نوشهروفيروز جي اڳوڻي ڊي سي تاشفين عالم جي گهرواري عرفا ضياءَ کي به جاچ ۾ شامل ڪيو ويو آھي

ايف آءِ اي پاران عرفا ضياءَ جو اڪائونٽ بند ڪري اڳوڻي ڊي سي جا اڪائونٽس به بند ڪرڻ لاءِ ليٽر جاري ڪيو ويو آھي

 ڪيس ۾ شامل ٺيڪيدار رحمت الله سولنگي ۽ اصغر جتوئي جا اڪائونٽ به سيل، نوشهروفيروز جي تپيدار ٺارو خان، سنڌ بئنڪ جي مئنجر مختيار چانڊيو، عطا حسين ۽ ذيشان جا اڪائونٽس به بند ڪيا ويا

ايف آءِ اي پاران ڄاڻايل ماڻهن جي  لاڪرز، اڪائونٽن ۾ پيل رقم ۽ ٽرانزيڪشن بابت تفصيل طلب ڪري ورتا، ڪيس ڊي سي مٽياري عدنان رشيد، سنڌ بئنڪ جو مئنجر مختيار چانڊيو، ذيشان ۽ عطاءَ حسين گرفتار آهن

ھي به پڙھندا

ايم سڪس موٽر وي اسڪينڊل: تاشفين عالم سوڌو 22 ڄڻن خلاف هڪ وڌيڪ ڪيس داخل