مون کي خبر ناهي ته ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري ۾ فيصلو تبديل ٿيندو يا برقرار رهندو:آصف زرداري

0
630
مون کي خبر ناهي ته

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آھي تھ مون کي خبر ناهي ته ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري ۾ فيصلو تبديل ٿيندو يا برقرار رهندو

 اڳوڻي صدر آصف زرداري طرفان نئين ڊي جي آءِ ايس آءِ بابت سوال تي ٽهڪڙن ۾ جواب ڏنو ويو، احتساب عدالت ۾ پيشي دوران صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي آصف زرداري چيو آهي ته موجوده حڪومت نااهل آهي، آرمي چيف جي ملازمت جي مُدي ۾ واڌ وقت به 5 مسودا تيار ٿيا هئا

آصف علي زرداري جو چوڻ ھو تھ عمران خان پنهنجا سياستدان به مشڪل سان سنڀالي ويٺو آهي، ايندڙ وارو پيپلز پارٽي جو هوندو، ملڪي معيشت وڌيڪ هيٺ اچڻ تائين احتساب جو سلسلو جاري رهندو.

 

ھي به پڙھندا

احتساب عدالت آصف زرداري جي بريت واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو