احتساب عدالت آصف زرداري جي بريت واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو

0
285
پي ٽي آءِ حڪومت

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي احتساب عدالت اڳوڻي صدر آصف زرداري جي بريت واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو، 8 ارب رُپين جي شڪي ٽرانزيڪشن ريفرنس ۾ فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ ٻڌڻي دوران آصف زرداري ۽ سندس وڪيل پيش ٿيا، آصفه ڀٽو زرداري ۽ پ پ اڳواڻ به آصف زرداري سان گڏ عدالت پهتا.

 آصف زرداري جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته ڪيس ۾ اختيارن جي ناجائز استعمال يا غيرقانوني طور رقم رکڻ جو ڪوبه الزام ناهي، عدالت بريت جي درخواست تي نيب کي نوٽيس جاري ڪري، فرد جرم لاڳو ڪرڻ کان اڳ بريت جي درخواست تي فيصلو ڪيو وڃي، جج اصغر علي چيو ته درخواست ٻڌڻ جوڳي هجڻ يا نه هجڻ بابت ڪجهه دير ۾ فيصلو ٻڌايو ويندو.

 

ھي به پڙھندا

مون کي خبر ناهي ته ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري ۾ فيصلو تبديل ٿيندو يا برقرار رهندو:آصف زرداري