سنڌ ۾ معياري تعليم تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت

0
308
ڊسمبر ۾ ٻارن جي داخلا مھم

سنڌ جا تعليمي ادارا ھر سال ھزارين نوجوانن کي گريجوئيٽ ۽ پوسٽ گريجوئيٽ جون ڊگريون ڏين ٿا پر افسوس انھن ڊگري يافته نوجوانن وٽ معياري تعليم ناھي ھوندي، جيڪي سرڪاري ۽ غيرسرڪاري ادارن ۾ کپي سگھن، نتيجي طور سنڌ ۾ بيروزگاري تمام گھڻي وڌي وئي آھي. تازين رپورٽن مطابق سنڌ ۾ 35 لک نوجوان بيروزگار آھن ۽ منھنجي نظر ۾ ان جو وڏو سبب غير معياري تعليم آھي، ٻين سببن کي به نظرانداز نٿو ڪري سگھجي  اچو ته ان غير معياري تعليم جي سببن تي روشني وجھون.

غير معياري تعليم جو وڏو سبب ته پرائمري تعليم يعني بنيادي تعليمي نظام آھي، جيڪو تباھه حال آھي، اتي معياري استاد ۽ معياري سليبس جو نه ھجڻ آھي، بنيادي سھولتن جي اڻھوند پڻ ان جو ھڪ سبب آھي، جڏھن بنيادي تعليم ئي غير معياري ھوندي ته نوجوان اڳتي ھلي ڪھڙي معياري تعليم حاصل ڪري سگھندو.

ٻيو وڏو سبب اسانجي اسڪولن ۾ سائنس جي استادن جو نه ھجڻ آھي، گھڻو ڪري سائنس وارا استاد ڊيپوٽيشن تي يا ڪنھن ٻي ايڊمنسٽريشن واري جڳھه تي ڪم ڪندا آھن جن کي نج سياسي بنيادن تي رکيو ويندو آھي،  ڪڏهن ڪڏهن اهڙا  نوٽيفڪشن به نڪرندا رهيا آهن ته ڪنھن به سائنس يا سبجيڪٽ اسپيشلسٽ کي ڪنھن پروجيڪٽ ۾ يا ايڊمنسٽريشن واري پوزيشن تي نه رکيو ويندو پر وري انهن تي عمل نه ٿي سگهندو آهي.

پرائيويٽ اسڪولن ۾ جتي ڳاٽي ٽوڙ فيون ته ورتيون وينديون آھن، پر ڪجهه  کي ڇڏي اتي به معياري تعليم ناھي. پرائيويٽ اسڪول، آڪسفورڊ ۽ ڪيمبريج جا مختلف سليبس ته پڙھائيندا آھن، پر انھن اسڪولن ۾ اهي سليبس  پڙھائيندڙ استاد ئي موجود نه ھوندا آھن، پر مائٽ اھو سمجھندا آھن ته اسان جا ٻار انگريزي اسڪولن ۾ پڙھن ٿا. تازو مان پرائيوٽ اسڪولن جي ٻارن جي ٽيسٽ ورتي جيڪا انتھائي مايوس ڪندڙ ھئي، نوجوان ڏسي انگريزي پڙھي نٿا سگھن، جڏھن ته ٻار پنھنجي پڙھائي جي حوالي سان سنجيده به لڳن ٿا پر انھن شاگردن کي استاد اھڙا مليا جن کي پاڻ به انگريزي پڙھڻ نه ايندي ھئي. پرائيويٽ اسڪولن جو زور رڳو مارڪيٽنگ ۽ ڏيکاءَ تي آھي.  معياري تعليم تي انھن جو ڪو به ڌيان ناھي.

رٽي واري تعليم به معياري تعليم جي دشمن آھي، جتي ٻارن کي شيون رٽايون وينديون آھن، رٽي جي حوالي سان اھا ڳالھه انتھائي اھم آھي ته ٻارن ۾ رٽي ھڻڻ جي غير معمولي صلاحيت ھوندي آھي، ان کي ڪا ڳالھه سمجھه نه ايندي آھي پر سڀ شيءَ رٽجي ويندي آھي ۽ مائٽن ۽ استادن جي نظر ۾ ھو ھڪ ذھين شاگرد سمجھيو ويندو آھي، حقيقت ۾ ھو ذھين ته ھوندو آھي پر رٽي واري تعليم ان جي ذھانت کي به تباھه ڪري ڇڏيندي آھي.

جڏھن  نوجوان يونيورسٽي ۾ پھچن ٿا اتي به انھن کي معياري تعليم لاءِ ماحول نه ملندو آھي، ھو گهڻو ڪري سياست جي ور چڙھي ويندا  آهن. سنڌ جي يونيورسٽين ۾ فنڊن جي کوٽ به معياري تعليم کي ڪاپاري ڌڪ ھنيو آھي ۽ اڪثر يونيورسٽيون فنڊن جي کوٽ کي منھن ڏيئي رھيون آھن، ۽ نتيجي طور فيڪلٽيز ۾ استادن جي کوٽ، لائبررين ۾ ڪتابن جو مڪمل نه ھئڻ ۽ استادن جو محنت نه ڪرڻ به ھڪ وڏو سبب آھي. يونيورسٽيز جي تعليم ھڪ ته انتھائي مھانگي ٿي وئي آھي انڪري غريب شاگرد جيڪي محنتي ھوندا ھئا اھي ته اُتي پھچي نٿا سگھن باقي مڊل ڪلاس، اپر مڊل ڪلاس، وڏيرن يا  آفيسرن جا ٻار جيڪي يونيورسٽي وڃن ٿا اھي تعليم کي ايترو سيريس نه وٺندا آھن.

غيرمعياري تعليم جي ڪري مختلف کاتن ۾ جيڪي نوجوان ويندا آھن انھن کي نه درخواست لکڻ ايندي آھي ۽ نه وري آفيس جي پراپر ڊاڪيومينٽيشن ڪرڻ ايندي آھي، ھاڻي اھي اڪثر ڪم به آفيسن ۾ ٻاھر جا ڪنسلٽنٽ ڪندا آھن، ۽ جيڪڏھن ڪو سينئر آفيسر رٽائرڊ ٿي ويندو آھي جنھن کي ڪجھه ڪم ايندو آھي، ان کي آفيس وارا سالن جو سال نه ڇڏيندا آھن، ڇو ته ٻين آفيس ۾ ڪم ڪندڙ ماڻھن کي ڪم اچي نٿو ۽ انڪري رٽائرڊ ٿيڻ کان پوءِ به ماڻھو آفيسن ۾ ڪم ڪندا رھندا آھن.

غير معياري تعليم کي بھتر ڪيئن ڪري سگھجي ٿو؟

سڀ کان پھرين پرائمري تعليم کي بھتر ڪرڻو پوندو، ان لاءِ ضروري آھي ته پرائمري اسڪولن ۾ بنيادي سھولتون ھنگامي بنيادن تي ڏنيون وڃن، اسانجي 80  سيڪڙو  اسڪولن ۾ بنيادي سھولتون موجود نه آھن جن ۾ واش روم، بجلي، پراپر فرنيچر، راند جو ميدان. ان کان سواءِ اسان جي اسڪولن ۾ استادن جي شديد کوٽ آھي، 100 ٻارن تي ھڪڙو استاد ٻارن کي پڙھائي ٿو ۽ اھو ممڪن ئي ناھي ته معياري تعليم ڏيئي سگھجي، ان ڪري 30 ٻارن تي ھڪ استاد کي يقيني بڻايو وڃي. اھا ڪوشش به ٿيڻ گھرجي ته لوڪل استادن کي ڀرتي ڪيو وڃي، پري وارو ڪواليفائيڊ استاد اسڪولن ۾ پڙھائڻ لاءِ تيار نه آھي، انجا ڪافي سبب آھن، ھڪ ته اسڪولن ۾ بنيادي سھولتون ناھن ٻيو وري سنڌ جي ڳوٺن ۾ روڊ رستا ناھن ۽ انڪري ھڪڙو استاد جيڪو شھر ۾ رھي ٿو ۽ انجا ٻار شھر ۾ پڙھن ٿا اھو ممڪن ئي ناھي ته ڳوٺ ۾ اچي پڙھائي. اھو ويزا تي ئي ويل هوندو آهي. اڌ پئسا بايوميٽرڪ واري کي  ڏيندو ۽ ھفتي ۾ ھڪ ٻه دفعا مشڪل سان ايندو، ان جڳھه تي لوڪل استاد نه رڳو ريگيولر ايندو پر ٻارن کي شوق سان به پڙھائيندو، لوڪل استاد تي حڪومت کي ڪمپرومائيز ڪرڻو پوندو نه ته پرائمري تعليم ۾ بھتري نه ايندي.

ڊي اي اوز ۽ ڊائريڪٽرز جي پوسٽنگ ميرٽ تي  ڪرڻ گهرجي  ۽ ان کي ٽارگيت ڏنا وڃن ھو پنجن سالن ۾ ڇا ڪندو؟ جيڪڏهن ان جي پرفارمنس ڀلي نه ھجي ته انکي تبديل ڪيو وڃي، ھن وقت اھي پوسٽون سياسي آھن جن کي وزير ۽ سيڪٽري چاھين انھن کي اھي پوسٽون ملي ٿيون وڃن جن جي ڪري به تعليم کي وڏو نقصان ٿيو آھي.

ھائر سيڪنڊري اسڪولن ۾ سائنس استادن جي کوٽ کي پورو ڪيو وڃي، ۽ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ کي ڪنھن به صورت ۾ ڪا ٻي پوزيشن نه ڏني وڃي.

يونيورسٽي جي تعليم کي به بھتر ڪرڻ جي ضرورت آھي، اتي استادن جي سياست تعليم کي وڏو نقصان ڏيئي رھي آھي، استادن جون تنظيمون رڳو ذاتي مفادن لاءِ سياست ڪن ٿيون. تنھن ڪري ھن قوم جي مستقبل جي لاءِ استادن کي اھا سياسي قرباني ڏيڻي پوندي ٻي صورت ۾ يونيورسٽين ۾ تعليمي ماحول بھتر نه ٿيندو.

يونيورسٽي جي حوالي سان پي ايڇ ڊي ڪرائڻ وارو طريقڪار انتھائي مايوس ڪندڙ آھي، اھڙا نوجوان پي ايڇ ڊي ڪري نڪرندا آھن، جيڪي ھڪ جملو به انگريزي جونٿا لکي سگھن، ۽ خبر ناھي انھن جي ريسرچ رپورٽ ڪير تيار ڪندو آھي، ۽ ڪيئن اُھي پي ايڇ ڊي ڪري نڪرندا آھن، جن کي پڻ ڏسڻ ۽ جائزو وٺڻ جي ضرورت آھي، اھڙا پي ايچ ڊيز استاد اسان جي ادارن کي بدنام پڻ ڪري رھيا آھن.

سڀ کان اھم ڳالھه اھا آھي ته، تعليمي بجيٽ جو پرائمري کان ويندي يونيورسٽِين تائين معياري تعليم لاءِ استعمال ٿيڻ گھرجي نه ڪي ڪجھه فردن لاءِ.

[email protected]