ٻار ڪلاسن اندر اسهپ جو شڪار ڇو آهن ؟

0
292

“تنهنجو دماغ ته ٺيڪ آهي؟” پنهنجي ذاتي مسئلن ۾ گهيريل هڪ مايوس استادياڻي پنهنجي هڪ نافرمان شاگرد کي چيو جنهن کان لڳاتار چوٿون ڀيرو ساڳو ئي سوال پڇيو ويو. سوال ڪرڻ تي ٺٺولي طور ڪلاس ۾ موجود ٻين شاگردن ٽهڪ پئي ڏنا. اهو ٻار جنهن کان هي سوال ڪيو ويو هو ان ڪنهن به قسم جو ڪو ردعمل نه ڏيکاريو، ۽ نه ئي وري ٻيهر ڪرڻ جي همت ساري سگهيو. اسهپ سان ڀريل اسان جي گفتگو اسان جي ڪجهه تعليمي ادارن ۾ وڏي پيماني تي وجود رکي ٿي، هن قسم جي ماحول جا ٻار نه صرف عادي ٿي ويا آهن پر اهي  بي حس به ٿي ويا آهن ۽ اهي هڪٻئي سان اهڙي قسم جي گفتگو ڪندي پيش اچن ٿا. ڪيترائي استاد پنهنجي گفتگو مان ناڪاري سوچ کي ڇاڻڻ کانسواءِ ٻارن جي سامهون پنهنجي جذباتي پريشانين کي بيان ڪندا رهن ٿا. ڪڏهن ڪڏهن ان ورتاءُ جو ايڏو ته مضبوط اثر ٿيندو آهي جو اها اسهپ ٻار سان سڄي عمر ساڻ رهي ٿي.

ڪلاسن اندر شموليت صرف هڪ مقامي نصاب کي سيکارڻ جي باري ۾ نه هوندي آهي، اها ڪلاسن اندر طرح طرح جي نسلن جي نمائندگي ڪرڻ سان گڏ ٻار جي خاص ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي باري ۾ به هوندي آهي. حقيقت هي آهي ته شموليت گهڻو ڪري اهڙي اداري جي تهذيب ۾ويهي وڃي ٿي جتي هڪٻئي جي عزت ڪرڻ سان گڏ و گڏ جذباتي حساسيت جو خيال رکڻ ۽ ٻارن کي زندگي آهر مهارتن کي سيکاريو وڃي ٿو جيڪي هنن کي هڪ عالمگير شهري بڻجڻ ۾ مدد فراهم ڪن ٿيون.

بدقسمتي سان، معاشري ۾ موجود اسهپ تعليم جي هر شعبي ۾ ڪيترن ئي سطحن تي پنهنجو اثر ڏيکاري ٿي. اقربا پروري سان ٻين جي حق تي ڌاڙو هڻڻ وارن ماڻهن کان وٺي ڪنهن شعبي جي سربراهي ماڻڻ تائين؛ وڏي صاحب سان ملاقات جي لاءِ هر ڪوئي اسهپ کي پنهنجي ڪڇ ۾ ساڻ کڻندي قطار ۾ بيٺل نظر اچي ٿو. اسهپ پنهنجي ڪيترين ئي لڪل صورتن ۾ ڪم ڪري ٿي. ٿي سگهي ٿو ته انهن صورتن ۾ گهڻيون صورتون ارادي طور نه به هجن  پر سچ هي آهي ته اسان سڀ هڪ اهڙي نظام جو حصو آهيون جيڪو هڪ اهڙي ورتاءُ ۾ گهيريل آهي جيڪو اسان کي هر وقت چڀندو رهي ٿو. يعني جڏهن اسان هڪ صاحبِ اختيار جي واتان هي ٻڌون ٿا ته “تنهنجو دماغ ته ٺيڪ آهي”، ته اسان سکيا جي ذريعي هن مان جند آجي ڪري سگهون ٿا جنهن کي اسان نظام جي هڪ حصي جي طور تي قبول ڪري ورتو آهي. جيڪڏهن اسان اسهپ مان جند آجي نٿا ڪري سگهون ته پوءِ ڇا هن جو حصو ٿي وڃون. بعد ۾ جڏهن پنهنجي ڪنهن ماتحت سان  گفتگو ڪنداسين ۽ جيڪڏهن اسان پريشانين ۾ گهريل هونداسين ته اسان انهيءَ خاص جملي کي ورجائڻ جا ڏوهي  ٿيندا رهنداسين.

اسهپ جو چڪر، شموليت جو فقدان يا شفقت کان عاري ماحول،  جهڙي طرح اسان جي ڪلاسن ۾ عام آهي  ته هن قسم جا جملا اسان کي ڪنهن به قسم جي ناانصافي محسوس ڪونه ٿيندا. شروع وارن سالن ۾ ٻار جي ذهن کي معلومات حاصل ڪرڻ ۽ ان جي گهرج مطابق جواب ڏيڻ جي لاءِ برنامي (پروگرامڊ) ڪيو ويندو آهي. اهي ڪهڙي طرح سان معلومات حاصل ڪن ٿا ۽ اهي ان جي جواب کي ڪهڙي طرح سان تيار ڪن ٿا ان جو پتو اختيارين جي انهن ماڻهن وٽان پئي ٿو جن جو آئينو ٻار هوندا آهن، ۽ هن سان ڊومينو اثر پئي ٿو. تحقيق مان پتو پئي ٿو ته جيڪڏهن استادن جي شفقت ۽ سار سنڀال موثر طريقي سان نٿي پهچي سگهي ته، ٻار گهٽ ترغيب ۽ بيڪار ڪارڪردگي جو شڪار ٿيندا آهن. (ڊومينو اثر مان مراد اهڙي ناڪامي آهي جيڪا هوندي ته ڪنهن ٻئي جي آهي پر ان جو سڌو سنئون اثر ان ملڪ يا ماڻهو تي پوندو آهي جيڪو ان جي ڀر ۾ رهندو آهي. جهڙوڪ پاڪستان تي افغانستان جو اثر. سنڌيڪار)

اسان مان گهڻا اسهپ جي ناڪاري اثرن کان بخوبي واقف آهن ۽ ان جا عادي به آهن، ته پوءِ اسان جي ڪلاسن کي اسهپ کان پاڪ صاف رکڻ جي ضرورت ڪهڙي آهي؟ هڪ ابتدائي مثال جي طور تي، اسان پنهنجي ٻارن جي معمولي ڪارڪردگي جي لاءِ انهن جي پيءُ ماءُ تي آڱريون کڻڻ بند ڪرڻ چاهيون ٿا. اڳيان، اسان هن ڳالهه تي ويچار ڪرڻ چاهينداسين ته هي سار سنڀال جي لاءِ ڪافي ناهي.  لفظن ۽ عملن جي ذريعي سار سنڀال ۽ شفقت جو اظهار ڪرڻ شايد هن ڳالهه کان به وڌيڪ اهم آهي ڇوته وبائي مرض دوران ٻار پنهنجن استادن کان پري رهيا آهن. ڪنهن طبقي، گهر يا معاشري جو شراڪت دار ڪارڪن بڻجڻ جي لاءِ، ماڻهن کي انفرادي طور تي عزت جي نظر سان ڏسڻ گهرجي.

ٻار پنهنجن ٿيلهن کان علاوه ٻيو به گهڻو سامان ساڻ کڻي اسڪولن ڏانهن اچن ٿا. ڪلاسن ۾ خلل ۽ ورتاءُ جهڙا مسئلا هن سامان جون ڪجهه علامتون آهن. انهن جذبن کي سمجهڻ جيڪي خلل پيدا ڪرڻ جو سبب آهن هڪ بهتر ابتدا ٿي سگهي ٿي. ٻار جي ترغيب ڪاري ڪرڻ ڪا اڪ جي ماکي نه آهي، جڏهن ٻار استاد جي اميدن تي پورو نٿا لهي سگهن ته ان ڪم جي لاءِ اسان کي پنهنجي قابيلتن ۽ صلاحيتن کي ڄاڻڻ، کليل ۽ انصاف پسند ماحول کي برقرار رکڻ ۽ پنهنجا فيصلا مڙهڻ کان اڳ، لڳاتار ۽ پائيدار ڪوششن ڪرڻ جي ضرورت هجي ٿي.

سٺ واري ڏهاڪي ۾، هارورڊ يونيورسٽي جي هڪ پروفيسر رابرٽ روزينٿل (Robert Rosenthal) هڪ تجربو ڪيو. ان ثابت ڪيو ته جيڪڏهن استاد  ٻارن مان هي اميد ڪن ٿا ته اهي سٺي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪن ته ٻار ايئن ڪري ڏيکاري سگهن ٿا. هن سال جي ابتدا ۾، ۽ بعد ۾ سال جي پڄاڻي تي، شاگردن جي ذهانتي ونڊ اپت (انٽيليجنس ڪوشئنٽ عرف عام آئي ڪيو) جو تجربو ڪيو ۽ ابتدائي اسڪولن (ايليمنٽري اسڪولز) جي استادن کي آگاهي ڏني ته ٻار هڪ سال جي دوران ذهانتي ونڊ اپت ۾ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاري سگهن ٿا. هي محض ڪا اتفاق جي ڳالهه نه هئي ته ٻارن جي بي ترتيب هن جي ان چونڊ مخصوص ان سال جي پڄاڻي تي بهتر ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري ڏيکاريو. (ذهني ونڊ اپت انساني ذهانت جو جائزو وٺڻ جي لاءِ تيار ڪيل معياري آزمائشن يا ذيلي آزمائشن جو اهو طريقو آهي جنهن جي مدد سان گڏيل نتيجن مان حاصل ڪيل ڪل ليکي چوکي جو حساب لڳائبو آهي ته ٻار ڪهڙي مضمون ۾ تيز يا مجموعي طور تي هڙني مضمونن ۾ ڪيتري قدر ڀڙ آهن. سنڌيڪار)

چٽي ۽ صاف نظر ايندڙ اسهپ هڪ حقيقي شيءَ آهي ۽ اها هر سطح تي ٻارن کي متاثر ڪري ٿي ڇوته هيءَ گهڻو ڪري ٺيڪ ۽ بهتر طريقن سان ڪم ڪري ٿي. مثال جي طور تي، استاد گهڻو ڪري خيال ڏيندڙ، مائل ٿيندڙ يا پڙهائي ۾ ڌيان ڏيندڙ ٻارن سان ئي نظري رابطي (آئي ڪنٽيڪٽ) ۾ رهن ٿا، انهن سان گفتگو ۾ گهڻو هاڪاري لهجي جو استعمال ڪن ٿا، ڪلاسن ۾ انهن جي لاءِ گهڻي ذميداري سان ڪم ڪن ٿا ۽ ڪا خرابي نظر اچڻ جي صورت ۾ بهترين راءِ ڏين ٿا.  هي صحيح آهي ته هن قسم جي رويي جو گهڻو حصو غير ارادي اسهپ ٿي سگهي ٿي، پر اها ايترو ئي نقصان واري آهي جيترو ڪنهن ٻار کي هي پيغام پهچائڻ ته استاد توهان مان خوش ناهن يا تون ته امتحان ۾ هونئن ئي گهٽ نمبر کڻندي ته توتي محنت ڇو ڪيون!

ڪڏهن ڪڏهن ڪجهه ٻارن کي نمايان ڪرڻ جي چڪر ۾ اسان کي جيڪا شيءَ گهربل  هجي ٿي اها هي آهي ته اهڙن ٻارن تي خاص ڌيان ڏيڻو پئي ٿو. اهڙي طرح اهي گهڻو ڪري تمام تيزي سان اڳتي نڪري ويندا آهن ۽ جنهن جو اسان تصور به ڪندا رهندا آهيون. ڪلاس ۾ بي خوف، پيار ، پاٻوهه ۽ برابري واري سلوڪ سان گڏ، اسان پنهنجي ٻارن جي پاڻمرادي  ترغيب ڪاري کي مٿي آڻي سگهون ٿا. زندگين ۾ تبديلين کي آڻڻ جي لاءِ، استاد، پنهنجي فطري سگهه ۽ پاٻوهي طبيعت رکڻ سان گڏ و گڏ جادو جي ڇڙي جهڙي طاقت رکن ٿا.

(روزاني ڊان جي ٿورن سان. ليکڪا آڪسفورڊ يوينورسٽي پريس، پاڪستان ۾ سينئر مئنيجر پروفيشنل ڊوپلمينٽ آهي. سنڌيڪار: سڪندر گلاب سومرو)