مون کان ڪنهن پُڇو آهي، چئن سالن کان زيادتي ٿي رهي آهي: سراج دراني

0
302

ڪراچي: سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني چيو آهي ته مون سان چئن سالن کان نا انصافي ٿي رھي آهي، ڪيس ڪيئن ختم ٿيندا، هڪ سال کان عدالت ۾ جج ئي ناهي

 آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس ۾ احتساب عدالت ۾ پيشي وقت ميڊيا سان ڳالهائيندي اسپيڪر آغا سراج دراني چيو ته زلزلا ايندا رهندا آهن، برساتون اينديون رهنديون آهي

صحافي جي سوالن تي آغا سراج دراني چيو ته هر سوال ڪيو پيا، مون کان ڪڏهن اوهان پُڇو آهي ته مون سان چئن سالن کان زيادتي ڇو ٿي رهي آهي، برساتون ۽ زلزلا قدرتي ۽ ماحولياتي تبديلي جي ڪري ايندا آهن، منهنجي گهر ۾ داخل ٿي جهڙتي ورتي پئي وئي پر ڪجهه به نه مليو هو، منهنجي خلاف ڪو ثبوت ناهي، منهنجو رڳو ميڊيا ٽرائل  ٿيو آهي

آغا سراج دراني جو چوڻ هو ته هر ڀيري مون کي تاريخ ڏني ويندي آهي، چئن سالن کان ڪيس ڀوڳي رهيو آهيان، جج ئي نٿو اچي ته ڪيس ختم ڪيئن ٿيندا، جڏهن ته عدالت اسپيڪر آغا سراج دراني خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي 6 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي

هي به پڙهندا

مهانگائي جي خاتمي لاءِ آبادي کي ڪنٽرول ڪيو وڃي: خورشيد شاهه