منيبه علي ٽي 20 ۾ سينچري ٺاھيندڙ پھرين پاڪستاني عورت بڻجي وئي

0
223

ڪيپ ٽائون(اسپورٽس نيوز) قومي ٽيم جي بيٽر منيبھ علي ويمنز ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ آئرلينڊ خلاف سينچري ٺاھيندڙ پھرين پاڪستان عورت رانديگرياڻي بڻجي وئي آھي

ھوءَ اھڙو ڪارنامو سرانجام ڏيندڙ دنيا جي ڇھين عورت رانديگرياڻي آھي. ڪيپ ٽائون ۾ کيڏيل آئرلينڊ خلاف ويمنز ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي اھم ميچ ۾ منيبھ 68 بالن تي 14 چوڪن جي مدد سان 102 رنز جي اننگز کيڏي، جنھن سبب پاڪستان 70 رنز تان ڪاميابي ماڻي. قومي ويمنز ٽيم جي بيٽر ندا ڊار ۽ منيبھ علي ٽئين وڪيٽ تي 101 رنز جي ڀائيواري ٺاھي

پليئر آف دي ميچ جو اعزاز حاصل ڪندڙ منيبھ علي چيو تھ جڏھن مونکي سٺي شروعات ملي ۽ ندا باجي سان گڏ ڀائيواري قائم ٿي تھ ھوءَ مونکي چوندي رھي تھ وڏو اسڪور ٺاھيو، 13ھين اوور ۾ مونکي خبر پئي تھ مان سينچري بڻائي سگھان ٿي جنھن لاءِ ھن گھڻو سپورٽ ڪيو