مولانا فضل الرحمان جي قطر ۾ حماس جي قيادت سان ملاقات

0
198

ڪراچي: مولانا فضل الرحمان جي قطر ۾ حماس جي قيادت سان ملاقات، مولانا فضل الرحمان جي قيادت ۾ جي يو آءِ وفد قطر پهچي ويو، حماس جي اڳواڻ اسماعيل هانيا سان ملاقات ڪئي آهي

جي يو آءِ وفد پاران اسماعيل هانيا ۽ خالد مشعل سان ملاقات دوران فلسطينين سان يڪجهتي جو اظهار  ڪيو ويو

مولانا فضل الرحمان، راشد محمود سومرو ۽ ٻين اسرائيلي حملن ۾ شهيد ٿيل فلسطينين لاءِ تعزيت به ڪئي

مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته وقت اچي ويو آهي ته فلسطنين سان گڏجڻو پوندو، اسرائيل معصوم فلسطنين کي شهيد ڪري رهيو آهي

هي به پڙهندا

اسرائيل پاران غزه جي پناهگير ڪيمپ تي بمباري ۾ 50 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد