مڪاني چونڊ: پ پ رهيل 23 مان 20 سيٽون کٽي ورتيون: ڪراچي جو ميئر جوڙو ۽ سکر جو ڊپٽي ميئر سيٽون بچائڻ ۾ ڪامياب

0
189

ڪراچي(نمائندن وٽان) مڪاني ادارن جي ضمني چونڊ ۾ ڪراچي جو ميئر مرتضيٰ وهاب، ڪراچي ۽ سکر جا ڊپٽي ميئر پنهنجي سيٽ بچائيندي ڪامياب ٿي ويا، سنڌ جي مختلف علائقن ۾ پ پ اميدوارن واضح ڪاميابي حاصل ڪري ورتي، سکر ٽائون ڪاميٽي نثار احمد صديقي جي يونين ڪاميٽي 10بادل فقير جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي چونڊ ۾ ڊپٽي ميئر سکر ڊاڪٽر ارشد مغل ۽ ٽائون ڪاميٽي نثار احمد صديقي جو چيئرمين طارق چوهاڻ ڪامياب ٿي ويا

 پ پ اميدوار ڊاڪٽر ارشد مغل چيئرمين ۽ طارق چوهاڻ وائيس چيئرمين طور 942 ووٽ کنيا، جڏهن ته  جي يو آءِ طرفان چيئرمين جي اميدوار امان الله ۽ وائيس چيئرمين جي خير محمد 204 ووٽ کنيا، ٽرن ائوٽ 22.5 سيڪڙو رهيو، جڏهن ته 29 ووٽ خارج ڄاڻايا ويا

ڪشمور جي يوسي مسوالا جي ضلعي ڪائونسل ميمبر جي سيٽ تي ضمني اليڪشن ۾ پ پ اميدوار محمد رمضان مزاري  1390 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي ورتي، جڏهن ته سندس مقابلي ۾ بيٺل ايس يو پي اميدوار الله ڏنو ڪلوڙ 240 ووٽ کڻي سگهيو، شڪارپور جي ڳوٺ شھيد الله بخش سومرو ۾ يونين ڪائونسل 7 وارڊ 3 تي ننڍي چونڊ ۾ ڪائونسلر جي سيٽ ت پ پ اميدوار لطف الله سومرو 635 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، جڏهن ته سندس مقابلي ۾ بيٺل جي يو آءِ اميدوار عطا محمد سومرو 390 ووٽ کڻي ھارائي ويو، خيرپور ميونسپل ڪاميٽي جي وارڊ نمبر 9 تي ٿيل ضمني چونڊ جي غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجي موجب پ پ اميدوار نعمان رضا وساڻ 905 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو

چیئرمین کی نشست پر پیپلزپارٹی کے مرتضیٰ وہاب 3976 ووٹ لیکر کامیاب ہوئے: غیر حتمی و غیر سرکاری نتیجہ— فوٹو: اسکرین گریب

 جڏهن ته سندس مقابلي ۾ جي ڊي اي اميدوار سيد آصف علي راشدي 77 ووٽ کڻي سگهيو، ٽنڊوالهيار جي ميونسپل ڪاميٽي جي وارڊ نمبر هڪ تي ٿيندڙ اليڪشن ۾ پ پ اميدوار ظفر سينهڙو 2281 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي، جڏهن ته سندس مخالف آزاد اميدوار صحافي امتياز خاصخيلي 30 ووٽ کڻي سگهيو، ٽنڊوآدم ميونسپل ڪاميٽي جي وارڊ نمبر 15 جنرل ڪائونسلر جي سيٽ تي پ پ شوقين گروپ جو اميدوار اشرف الدين انصاري 828 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، جڏهن ته  جي ڊي اي جي غلام مصطفيٰ ساند کي 75 ووٽ مليا، ٽرن آئوٽ 24 سيڪڙو رهيو

گمبٽ ميونسپل ڪاميٽي جي وارڊ نمبر 6 تي پ پ اميدوار صدام جوکيو 521 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي، جڏهن ته  جي ڊي اي جو اسد الله شيخ 206 ووٽ کڻي سگهيو، 18 ووٽ خارج ٿيا، دوڙ ٽائون ڪاميٽي جي وارڊ 8 تي جنرل ڪائونسلر جي سيٽ تي پ پ اميدوار چوڌري وسيم افضل راجپوت 778 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، جڏهن ته تحريڪ لبيڪ جي اميدوار فھيم قادري کي 71  ووٽ، تحريڪ انصاف جي اميدوار ڪاشف علي مغل کي 37 ووٽ مليا

 ٺري ميرواهه جي يونين ڪائونسل حسين بخش دستي ۾ ضلعي ڪائونسل ميمبر جي چونڊ ۾ غيرحتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب پ پ اميدوار ارشاد علي لغاري 2180  کڻي ڪامياب ٿي ويو، جڏهن ته آزاد اميدوار مورند علي شر 1524 ووٽ کڻي سگھيو، فيض گنج تعلقي جي ٽائون ڪاميٽي پڪاچانگ وارڊ نمبر 2 تي پ پ اميدوار ظفر خاصخيلي 1135 ووٽ کڻي ڪاميباي ماڻي، جڏهن ته جي ڊي اي اميدوار وحيد علي چانگ 900 ووٽ کنيا، جماعت اسلامي اميدوار عبدالعليم آرائين 82 ووٽ کڻي سگهيو، قادرپور يو سي جي وارڊ 2 تي جنرل ڪائونسلر سيٽ تي پ پ اميدوار بشير احمد ڀٽو 496 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، جڏهن ته جي يو آءِ اميدوار برڪت الله ڀٽو 412 ووٽ کڻي هارائي ويو

 ڀان سيدآباد ٽائون ڪاميٽي جي وارڊ 2 تي ضمني چونڊ ۾ پ پ اميدوار ولي محمد عرف ڏاڏو سولنگي 306  ووٽ کڻي سوڀارو ٿي ويو، ايس يو پي اميدوار علي اصغر سولنگي 111 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو، جڏهن ته تحريڪ لبيڪ پاڪستان جو اميدوار محمد ايوب ملاح  29 ووٽ کڻي سگهيو