اسرائيل پاران غزه جي پناهگير ڪيمپ تي بمباري ۾ 50 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد

0
163
اسرائيل پاران غزه جي پناهگير ڪيمپ تي بمباري ۾ 50 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد
اسرائيل پاران غزه جي پناهگير ڪيمپ تي بمباري ۾ 50 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسرائيل پاران غزه جي پناهگير ڪيمپ تي بمباري ۾ 50 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي ويا، اسڪولن، مسجدن ۽ اسپتالن تي بمباري ۾ وڌيڪ درجنين فلسطيني شهيد ٿي ويا، ٻارن ۽ عورتن سميت سوين زخمي ٿي پيا

Tens of thousands rally around the world in support of Israel and  Palestinians | Israel-Hamas war | The Guardian

اسرائيلي فوج جي وحشياڻين ڪارروائين ۽ آمريڪي صدر جو بائڊن جي پاليسي خلاف واشنگٽن ۾ تاريخي احتجاج ڪيو ويو، آمريڪا جي هڪ لک کان وڌيڪ شهرين پاران وائيٽ هائوس تائين ريلي ڪڍي وئي

Tens of thousands rally around the world against Israel's Gaza bombardment  | Israel-Palestine conflict News | Al Jazeera

مظاهرين چيو ته غزه ۾ معصوم فلسطيني ٻارن جي قتلام تي خاموش نه ويهنداسين، اسرائيل جي حمايت ڪندڙ آمريڪي صدر جو بائڊن جا هٿ به فلسطينين جي خون سان رنگيل آهن، صدر جوبائڊن کي لڪڻ نه ڏينداسين

Israel-Palestine war: Thousands in Morocco protest against Gaza bombardment  | Middle East Eye

لنڊن جي ٽرافلگر اسڪوائر تي به اسرائيل خلاف تاريخي احتجاج ڪيو ويو، غزه ۾ فلسطينين تي اسرائيلي بمباري فوري طور بند ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو

اسرائيلي وزير پنهنجي بيان تان هٿ کڻي ويو

غزه تي ايٽم بم ڪيرائڻ جي ڌمڪي ڏيندڙ اسرائيلي وزير پنهنجي بيان تان هٿ کڻي ويو، اسرائيلي وزير اميڪائي الياهو چيو هو ته غزه تي ايٽم بم ڪيرائڻ جو امڪان رد نه ٿو ڪري سگهجي

Live updates | Day 4 of the latest Israel-Palestinian war

 اسرائيلي وزير هڪ انٽرويو دوران فلسطينين کي آئرلينڊ يا ڪنهن ريگستان ڏانهن نڪري وڃڻ جو مشورو به ڏنو هو

انتهاپسند وزير جي بيان سبب اسرائيلي حڪومت به سخت پريشان هئي، اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو انتهاپسند ميمبر جي ڪابينا اجلاسن ۾ داخلا روڪي ڇڏيIsrael-Palestine conflict raises alarm across the world | Occupied West  Bank News | Al Jazeera

سڄي دنيا ۾ سخت تنقيد بعد اسرائيلي وزير بيان تان هٿ کڻي ويو،  اميڪائي الياهو چيو آهي ته ايٽم بم جو لفظ اصطلاح طور استعمال ڪيو هو