ميرپورخاص ۾ ڌارين جي نيڪالي لاءِ عوامي تحريڪ ۽ سنڌي هاري تحريڪ پاران ريلي

0
123
ميرپورخاص ۾ ڌارين جي نيڪالي لاءِ عوامي تحريڪ ۽ سنڌي هاري تحريڪ پاران ريلي
ميرپورخاص ۾ ڌارين جي نيڪالي لاءِ عوامي تحريڪ ۽ سنڌي هاري تحريڪ پاران ريلي

ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپورخاص ۾ ڌارين جي نيڪالي لاءِ عوامي تحريڪ ۽ سنڌي هاري تحريڪ پاران ريلي، ميرپورخاص ۾ ڌارين جي نيڪالي لاءِ عوامي تحريڪ ۽ سنڌي هاري تحريڪ پاران ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو

اسٽيشن چوڪ کان پريس ڪلبن تائين ريلي ڪڍي ڌرڻو  هنيو ويو، عورتون ۽ ٻارڙا به  وڏي انگ ۾ شريڪ ٿيا

اڳواڻن جو چوڻ هو ته غيرقانوني ترسيل پرڏيهين خلاف ڪا ڪارروائي نٿي ڪئي وڃي، سنڌ جي  زمينن تي والار جاري آهي

اڳواڻن چيو ته نادرا غيرقانوني طريقي سان ڌارين  کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪيا  جيڪي رد ڪيا وڃن، غيرقانوني افغاني سنڌ لاءِ وڏو خطرو آهن

ڌرڻي کي خطاب ڪندي اڳواڻن وڌيڪ چيو ته پريا ڪماري کي هن وقت تائين آزاد ناهي ڪرايو ويو، فاطمه ڦرڙو، شهيد جان محمد مهر ۽ ٻين بيگناهه قتل ٿيل ٻارڙين، عورتن ۽ صحافين جي خونن سان انصاف ڪيو وڃي