مورو (ن پ ا) موري ۾ اي آر ڪي ڪنسٽرڪشن ڪمپني جي مالڪ عبدالرشيد مارفاڻي پريس ڪانفرنس دوران الزام ھڻندي چيو آھي تہ ڊي ايس پي مورو عبدالحميد پنھور، ايس ايڇ او مورو حنيف مھر عيد جي رات وڏي پوليس اٽالي سان گڏ منھنجي ھائوس تي چڙھائي ڪري منھنجي پٽ، ٻن ڀائیٽين ء ٽن ملازمن کي تشدد ڪري کنڀي کڻي ويو ء گھر ۾ ڀڃ ڊاھ ڪرڻ بعد 12 لک 40 ھزار رپيا روڪ 30 مينھون، چار ڳئون، 10 ڇيلا ڪاهي ويو آھي. ڪجھه ماڻھن جي مداخلت تي رشوت وٺي منھنجي ٽن ملازمن کي ڇڏي ڏنو آھي، جڏھن تہ مون سميت منھنجي ٻن پٽن منھنجي ڀائيٽين ء ھڪ اسان جي فوت ٿيل عزيز سميت 08 ڄڻن تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو آھي، جڏھن تہ مون، منھنجي پٽ ء ڀائیٽي عدالت سڳوري مان ضمانت ڪرائي آھي جڏھن تہ منھنجو پٽ عبدالرئوف ء منھنجو ڀائیٽيو عبدالعزيز جيڪي اڃا تائین گم ڪري ڇڏيو آھي ء سندن آزادي جي لاء 50 لک رپيا رشور گھري رھيو آھي. اسان کي جاني مالي خطرو آھي. ڪجھ بہ ٿيو تہ ان جو ذميوار ڊي ايس پي مورو ھوندو.