فيض گنج (ن پ ا) فيض گنج ٿاڻي جي حد ڳوٺ سونو شر ۾ جوابدارن فائرنگ ڪرڻ بعد ٻن ڳوٺاڻن دهشت علي ۽ سندس ڀاء ظهشمت علي شر جي گهرن کي باهه ڏئي ڇڏي. باهه ڏيڻ سبب گهرن ۾ بيٺل 7ٻڪرين سميت الهه تلهه سڙي رک ٿي ويو. متاثر ڳوٺاڻن احتجاج ڪندي صحافين کي ٻڌايو ته انعام الله شر ساٿين سان گڏجي فائرنگ بعد گهرن کي باهه ڏني، 7ٻڪريون، ان، هنڌ کٽن سميت سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو. هنن چيو ته انعام شر اڳ به حملو ڪري اسان جي هڪ همراهه کي خنجر هڻي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته انعام الله شر سميت ٽن جوابدارن خلاف اين سي داخل ڪئي آهي،ڪيس داخل ڪرڻ بعد جوابدار کي گرفتار ڪنداسين.