گهوٽڪي (رپورٽر)گهوٽڪي ڀرسان پهوڙ برادري جي ٻن ڌرين ۾ پلاٽ جي معاملي تان ٻيهر جيهڙو ٿي پيو، ٽن عورتن سميت 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا، هڪ ڌر جي عورتن ۽ مردن ڪارو گهٽ وٽ نيشنل هاءِ وي بند ڪري ڇڏيو.گهوٽڪي ڀرسان ڳوٺ سليمان پهوڙ جي رهواسين عبدالطيف پهوڙ، غلام رسول، عثمان پهوڙ، عبدالقيوم پهوڙ ۽ ٻين ڪارو گهٽ بس اسٽاپ تي احتجاجي مظاهرو ڪري نيشنل هاءِ وي بند ڪري ڇڏيو.مظاهرين جو چوڻ هو ته غلام نبي پهوڙ، عبدالرحمان پهوڙ، خادم حسين پهوڙ، ستار پهوڙ گهر تي حملو ڪري ٽن عورتن ريشمان پهوڙ، ريحانا پهوڙ، سگھڙ خاتون، عبدالطيف، غلام رسول، عثمان عبدالقيوم پهوڙ کي زخمي ڪري فرار ٿي ويا. جوابدارن جي پ پ اڳواڻ احسان سندراڻي ۽ پ پ تعلقي گهوٽڪي صدر مير همزه سندراڻي مدد ڪري رهيا آهن. اي سيڪشن پوليس زخمين کي ميڊيڪل ليٽر به نه ٿي ڏي. ڊي ايس پي گهوٽڪي، ايس ايچ او اي سيڪشن مظاهرين سان ڳالهيون ڪري خاطري ڪرائي ته اوهان انصاف ٿيندو، جنهن بعد مظاهرين پنهنجو نيشنل هاء وي تي لڳل ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو.