اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) وفاقي سرڪار موبائيل ڪالز، انٽرنيٽ ڊيٽا ۽ ايس ايم ايس تي فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي لڳائڻ واري تجويز واپس وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته مني بجيٽ نه آڻينداسين، آءِ ايم ايف سان ڳالهيون هلن پيون ته ٽئڪس مٿان ٽئڪس نه لڳايو ويندو، ٽئڪس نه ڏيندڙ ماڻهن کي ٽئڪس ۾ آندو ويندو، هن چيو ته 3 منٽن کان وڌيڪ موبائل فونز ڪالز، انٽرنيٽ ڊيٽا پيڪيج، ايس ايم ايس تي ٽيڪس نه لڳندو، موبائل فون سستا ٿيندا، موبائل فون ڪالز، انٽرنيٽ پيڪيج ۽ ايس ايم ايس تي ٽيڪس لڳائڻ جي وزيراعظم ۽ ڪابينا مخالفت ڪئي، جنهن کانپوءِ اهڙي تجويز واپس ورتي وئي، هن چيو ته سمورن وڏن اسٽورز تي سيلز ٽيڪس لڳندو، وڏن رٽيلرز جي 1500 اربن جي سيل آهي، غريبن لاءِ ٽيرف نه وڌندو، وڏن واپارين کي پوائنٽ آف سيلز تحت نظام ۾ آندو ويندو، دڪاندار کان پڪي رسيد ضرور وصول ڪئي وڃي، پڪي رسيد تي هڪ لک رپين تائين انعام ڏنو ويندو،ترڪي ۽ ٻين ملڪن ۾ اهڙيون ڪامياب اسڪيمون آيون، اسان به انعام ڏيڻ جي اسڪيم شروع ڪري رهيا آهيون، پهرين مرحلي ۾ 25 ڪروڙن تائين جا انعام ڏنا ڏيندا، جنهن کان پوءِ ان کي وڌائي هڪ ارب تائين ڪيو ويندو، ناڻي وزير چيو ته 500 ارب اضافي ٽيڪس جمع ڪرڻ جو هدف آهي، موجوده مالي سال 4700 ارب جو ٽيڪس جمع ٿي ويندو، اضافي 500 ارب جي ٽيڪس اوڳاڙي ڪري وٺنداسين، چيو وڃي ٿو ته ايترو ٽيڪس وصولين جو حدف ڪيئن پورو ٿيندو، ته بجلي، گيس ۽ ٽيليفون بلز، بينڪ گوشوارن سميت ماڻهن جي سموري معلومات آهي انهن ذريعي نان فائلر تائين پهچي وينداسين، ڊيٽا جي بنياد تي ماڻهن کان ٽيڪس وٺنداسين، هن سال ٽيڪس گوشوارن ۾ 3 لکن کان وڌيڪ اضافو ٿيو ايندڙ سال وڌيڪ 10 لکن کان وڌيڪ ماڻهن کي شامل ڪنداسين، 90 ارب ته اتان ئي حاصل ڪري وٺنداسين، شوڪت ترين چيو ته غريب هارين کي هڪ فصل تي ڏيڍ لک رُپيا بنا وياج جي قرض ڏنو ويندو، شهري علائقي ۾ هڪ گهر جي هڪ فِرد تي ڪاروبار کولڻ لاءِ 5 لک رُپيا بنا وياج جي قرض ڏنو ويندو، ملڪ ۾ 70 سالن کان غريب کي قرض نه مليو ۽ تربيت نه ملي، 70 سالن کان ننڍي آبادگار کي ڪجهه نه مليو، ڪمرشل بئنڪن مان ننڍين فلاحي بئنڪن کي قرض ڏينداسين، پهرين مرحلي ۾ 40 لک ماڻهن کي روزگار ڏينداسين ۽ ننڍي آبادگار کي ڏيڍ لک رپيا ڏينداسين، جڏهن ته بئنڪن کي ننڍي آبادگار ۽ غريبن جون لسٽون به ڏينداسين، پنهنجي ڇِت لاءِ 20 لک رپين تائين قرض ڏينداسين ۽ غريب آبادگار کي 5 لک رپين تائين قرض ڏينداسين. هن چيو ته اسان ڪالهه گروٿ بجيٽ پيش ڪئي ۽ اسان جو چئلينج گروٿ کي مستحڪم ڪرڻ آهي، هاڻي ترقي مستحڪم ڪرڻي آهي، معاشي ترقي لاءِ ايڪسپورٽ وڌائي ڊالرز ڪمائڻا پوندا، ضروري آهي ته ايڪسپورٽ کي جي ڊي پي جي 20 سيڪڙو تائين ڪجهه سالن ۾ وڌائي 60 ارب ڊالرن تائين پهچايو وڃي 11 سيڪڙو روينيو اوڳاڙي ڪافي ناهي، روينيو اوڳاڙي 20 سيڪڙو تائين آندي ته وفاق ۽ صوبا قرض وٺڻ بنا پنهنجي ترقي تي خرچ ڪري سگهندا، تمباڪو سوڌو 4 شعبن ۾ ٽريڪ اينڊ ٽريس نظام آڻي رهيا آهيون. هن چيو ته پاڪستان فوڊ ڊيفيسٽ ملڪ بڻجي چڪو آهي، اسان جيڪي شيون ايڪسپورٽ ڪندا هئاسين هاڻ اهي امپورٽ ڪري رهيا آهيون، اسان داليون، ڪڻڪ ۽ کنڊ به امپورٽ ڪري رهيا آهيون، اسان پنهنجي فصلن تي ڌيان نه ڏنو، هاڻ ڌيان ڏينداسين. ناڻي وزير چيو ته اسان مني بجيٽ نه آڻينداسين، انڪم ٽيڪس ڏيندڙن تي وڌيڪ بار نه وجهنداسين، ڊويلپنگ ملڪن ۾ ان ڊائريڪٽر ٽيڪس وڌندا آهن، پرائيويٽ سيڪٽر سان گڏجي ڪم ڪنداسين، اسان جي آءِ ايم ايف سان ڳالهه ٻولهه جاري آهي، اسان جي منزل هڪ آهي، آءِ ايم ايف چاهي ٿو ته اسان مستحڪم گروٿ ڏانهن وڃون، سيپٽمبر تائين آءِ ايم ايف سان مامرا طئي ٿي ويندا، ٽيڪس مٿان ٽيڪس نه لڳندو، شوڪت ترين چيو ته اسان جي سعودي عرب سان معاملا طئي ٿي ويا آهن، سعودي عرب کان اوڌر تي تيل ۾ رعايت وٺنداسين، پيٽروليم شين تي ليوي جو وڌڻ عالمي سطح تي پيٽرول جون قيمتون وڌڻ سان مشروط آهن، اميد آهي ته مستقبل ۾ پيٽروليم شين جي قيمت نه وڌندي، ايندڙ مالي سال دوران پيٽروليم ليوي جي مد ۾ 600 ارب رپيا وصول ڪرڻ جو حدف حاصل ڪرڻو آهي ته في ليٽر تي 25 کان 30 رپين تائين ليوي کي آڻڻو پوندو، هن چيو ته پينشن هڪ وڏو مسئلو آهي آمريڪا ۾ وڏيون وڏيون ڪارپوريشنز ان معاملي تي ناڪام ٿي ويون هيون، وزيراعظم کي چيو آهي ته آئون ان جي ذميواري کڻان ٿو، 6 مهينن اندر هتي به سڌارا نظر ايندا، هن چيو ته سرڪاري ملازمن کي ڪارڪردگي جي بنيادن تي پگهارن جي فراهمي ڪنداسين، چاهيون ٿا ته مهانگائي جي شرح تحت ملازمن جي پگهارن ۾ واڌ ٿئي،سول سروس کي 60 ڏهاڪي وانگر چوائس بڻائينداسين.