اسلام آباد (بيورو رپورٽ) دفاع واري وفاقي وزير پرويز خٽڪ عجيب منطق پيش ڪندي چيو آهي ته مهانگائي ٿيندي ته ملڪ هلندو، مهانگائي نه ٿيندي ته ملڪ رڪجي ويندو. قومي اسيمبلي جَي اجلاس ۾ پرويز خٽڪ چيو ته، پهريان ڪنهن وٽ موٽر سائيڪل به نه هئي اڄ ملڪ ۾ ماڻهن وٽ گاڏيون آهن، سٺي رهڻي سهڻي آهي، غربت ڪٿي آهي؟ هن وڌيڪ چيو ته ماڻهو بک تي زندگي گذارن ٿا اها ڪوڙي پروپيگنڊا آهي، غربت جو سڄو ڊرامو آهي، غريب غريب اپوزيشن جو ڊرامو آهي، مهانگائي پوري دنيا ۾ ٿي رهي آهي، جنهن ملڪ ۾ مهانگائي نه هجي سڀ ڪجهه رڪجي وڃي ته اهو ملڪ رڪجي ويندو آهي، نه ڪو پوکيندو، نه ڪو صنعت هلائيندو، نه ڪاروبار ٿيندو ته ڪهڙي ريت ملڪ هلندو، هن چيو ته آمريڪا ۽ يورپ ۾ به مهانگائي جاري آهي، ان حوالي سان هڪ فارمولو آهي جيڪڏهن عوام جي زندگي جو معيار هيٺ وڃي رهيو آهي ۽ مهانگائي وڌي رهي آهي ته پوءِ تباهي آهي، جيڪڏهن عوام جي زندگي جو معيار بهتر ٿي رهيو آهي ۽ عوام وٽ پيسو آهي ته پوءِ ملڪ ۾ تباهي نه پر ترقي آهي، دفاع واري وزير چيو ته چيلنج ڪريان ٿو منهنجي صوبي ۾ هڪ غريب به سامهون آڻي ڏيکاريو، پرويز خٽڪ چيو ته چيلينج ڪريان ٿو ته خيبرپختونخوا ۾ رڳو هڪ ڪَچو گهر ڏيکاريو، پوءِ مڃي ويندس ته ملڪ ترقي نه ٿو ڪري، پرويز خٽڪ چيو ته مزدور نٿو ملي، گهرن لاءِ نوڪر نٿو ملي، ڇو ته سڀ سرڪاري نوڪري ڪرڻ چاهين ٿا، ڪير به محنت نٿو ڪرڻ چاهي، پرويز خٽڪ جَي بيان تي حڪومتي ميمبرن به ٽهڪ ڏنا، وفاقي وزير پرويز خٽڪ اپوزيشن ليڊر شهبازشريف کي به مناظري جو چئلينج ڪندي چيو ته، پنجاب ۾ شهبازشريف جِي 20 سالن جِي ڪارڪردگي کان خيبرپختونخوا ۾ منهنجَي 5 سالن جِي ڪارڪردگي بهتر آهي، اگر ميان صاحبن جي ڪارڪردگي هجي ها ته پنجاب کين رد نه ڪري ها، اسان جي ڪارڪردگي نه هجي ها ته 2 ڀاڱي 3 جي ڪي پي ڪي ۾ اڪثريت نه ملي ها، هن چيو ته مولانا فضل الرحمان کي دعائن جِي نه، بد دعائن جِي ضرورت آهي. وفاقي وزير چيو ته مخالف ڌر وارا اسان جو مذاق اڏائن ٿا، انهن مون تي به 5 سال تنقيد ڪئي هئي، پر عام چونڊن ۾ کين ٿڦڙ لڳي، جيڪا کين ايندڙ چونڊن ۾ به لڳندي، هي اڃا ٻه سال تنقيد ڪندا رهندا، هي اسان تي تنقيد ائين ڪن ٿا ڄڻ انهن جي دور ۾ کير ۽ ماکي جون نديون وهنديون هيون، هن چيو ته اسان کي آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ جي ضرورت نه هجي ها اگر هي ملڪ کي قرضي نه ڪري وڃن ها، ان بلا مان هنن جي ڪارڪردگي سبب ڦاٿل آهيون، اوهان ڏسندئو ته آءِ ايم ايف مان جان آجي ٿي ويندي، هي ته مزا ماڻڻ آيا هئا، وزيراعظم ۽ وزيراعليٰ ڪرسي تي اچي ويهي رهندا هئا، اهو سوچيو به نه ويندو هو ته ملڪ ۾ تعليم، صحت ۽ غريبن جي ڪهڙي حالت آهي.