لاهور (م ڊ) پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته زندگي اچڻي وڃي شئي آهي، هر مشڪل جو مقابلو ڪندس، بينظير ڀٽو کي راولپنڊي جي جلسي ۾ وڃڻ کان روڪيو هو پر هن نه مڃيو. بلاول هائوس لاهور ۾ بينظير ڀٽو جي 68 هين سالگرهه ملهائي وئي، اڳوڻي آصف زرداري سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو. ان موقعي تي آصف زرداري ڳالهائيندي چيو ته زندگي اچڻي وڃڻي آهي، انسان تمام گهڻو ڪمزور آهي، الله قبر تائين همٿ ڏئي، الله ايتري همٿ ڏني جو پرويز مشرف کي مک وانگر ڪڍي ٻاهر ڪيو. هن چيو ته ڪڏهن جيل ته ڪڏهن اسپتالن ۾ رهيو آهيان، وڏي عرصي بعد ڪارڪنن سان ملي رهيو آهيان، جيڪو مون لاءِ اعزاز آهي، هن چيو ته بينظير ڀٽو سال جي سڀ کان وڏي ڏينهن 21 جون تي جنم ڏنو، ڀٽو صاحب چوندو هو ته هي سج ڪڏهن نه لهندو. آصف زرداري چيو ته هڪ انٽيليجنس آفيسر رات جو اچي بي بي کي ٻڌايو ته اوهان جي زندگي کي خطرو آهي ته بي بي چيو ته توهان دهشتگردن کي پڪڙيو ڇو نه ٿا؟ مون بينظير کي راولپنڊي جي جلسي ۾ وڃڻ کان روڪيو پر هن نه مڃيو، بينظير بي نظير هئي، هن سڄي دنيا ۾ پنهنجي سوچ کي مڃايو، اڄ دنيا جا دانشور مٿس ڪتاب لکي رهيا آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته بلاول کي آئون ڇا سيکاري سگهان ٿو، ڇا مڇي کي ڪنهن ترڻ سيکاريو آهي؟ بلاول اوهان جي ايندڙ نسلن کي گڏ کڻي هلندو.