ڪراچي (م ڊ) اسٽيٽ بينڪ جي گورنر رضا باقر چيو آهي ته مهانگائي جو جيترو اندازو هو، اوتري ئي ٿي رهي آهي، مالي سال 2021ع ۾ مهانگائي جي شرح 7 کان 9 سيڪڙو رهڻ جو اندازو لڳايو ويو، زرعي شعبي جي بهتر ڪارڪردگي سبب معاشي ترقي جو اندازو 3.94 سيڪڙو مقرر ڪيو ويو. گورنر اسٽيٽ بينڪ رضا باقر پرڏيهي ٽي وي چينل کي انٽرويو ڏيندي چيو ته توانائي ۽ عام استعمال جي شين جي قيمتن سان مهانگائي وڌي آهي، سپلاءِ مهانگائي گهٽائي ڇڏيندي، حڪومت ڪورونا وبا دوران معيشت کي ضروري معاونت فراهم ڪري رهي آهي، هن چيو ته هلندڙ مالي سال دوران اسٽيٽ بينڪ کي 3 سيڪڙو جي ڊي پي جي اميد آهي، ملڪي ناڻي ذخيرا 23 ارب ڊالرز آهن. هن چيو ته قومي معيشت جي ترقي 3.94 سيڪڙو آهي، معاشي ترقي جو ثمر عام ماڻهو تائين جلد پهچڻ وارو آهي. هن چيو ته پاڪستان دشمنداڻي مالياتي ۽ اقتصادي پاليسي سبب ناميان ڪاميابي ماڻي آهي، موثر مالياتي قدمن سبب سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ اضافو ٿيو آهي، پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزي آئي آهي.