اسلام آباد: ارسا پاران هلندڙ سيزن جي پهرين ڏينهن يعني پهرين اپريل کان 31 مئي تائين صوبن کي فراهم ڪيل پاڻي جا انگ اکر جاري ڪيا ويا ويا آهن، ارسا ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پهرين اپريل کان 31 مئي 2021ع تائين صوبن کي فراهم ڪيل پاڻي جي انگن اکرن مطابق ارسا پاران واٽر اڪائونٽ تيار ڪيو ويو آهي جيڪو واٽر اڪائونٽ هر ڏهن ڏينهن بعد صوبن جي پاڻي جي استعمال جي بنياد تي تيار ڪيو ويندو آهي، جنهن مطابق ان مدت دوران پنجاب جي واهن ۾ 7.76 ايم اي ايف پاڻي استعمال ڪيو ويو، ان مدت دوران پنجاب جو پاڻي حصو 9.74 ايم اي ايف ٿئي ٿو، تنهن ڪري ان مدت دوران پنجاب کي 20 سيڪڙو حصي کان پاڻي گهٽ فراهم ڪيو ويو، جڏهن ته ان مدت دوران سنڌ جي ڪينالن ۽ واهن ۾ 4.31 ايم اي ايف پاڻي استعمال ڪيو ويو، ان عرصي دوران سنڌ صوبي جو پاڻي حصو 5.40 ايم اي ايف ٿئي ٿو، جنهن ڪري ان مدت دوران سنڌ صوبي کي به پاڻي کوٽ 20 سيڪڙو رهي، جڏهن ته ان مدت دوران بلوچستان 0.14 ايم اي ايف پاڻي پنهنجي ڪينالن ۽ واهن ۾ استعمال ڪيو، بلوچستان جو حصو 0.32 ايم اي ايف ٿئي ٿو، جنهن ڪري بلوچستان کي پاڻي جي کوٽ 55 سيڪڙو رهي، جڏهن ته خيبر پختونخوا ان مدت دوران 0.32 ايم اي ايف پاڻي پنهنجي ڪينالن ۽ واهن ۾ استعمال ڪيو، ان دوران خيبر پختونخوا جو پاڻي حصو 0.32 ايم اي ايف ئي ٿو، جنهن ڪري خيبر پختونخوا کي کوٽ زير رهي.