زيارت (م ڊ) وزيراعظم اپوزيشن اتحاد پي ڊي ايم کي رحم جوڳو قرار ڏئي ڇڏيو، عمران خان چيو آهي ته ملڪ ڏکئي وقت مان نڪري رهيو آهي، اپوزيشن مشڪل ۾ آهي، مٿن رحم ايندو آهي ته هي پاڻ گڏ هلي سگهندا يا نه؟ مخالف چاهين ٿا ته حڪومت ناڪام ٿي وڃي، قائد اعظم ريزيڊينسي زيارت ۾ تقريب کي خطاب ڪندي عمران خان مولانا فضل الرحمان تي نالو وٺڻ کانسواءِ تنقيد ڪئي ۽ چيو ته مولانا صاحبن جي آئون عزت ڪندو آهيان پر هن کي ان دائري ۾ آڻڻ نه ٿو چاهيان، ڇاڪاڻ هو شخص عزت جي قابل نه آهي. هن چيو ته سڀ کان پهرين خوشخبري اها آهي ته ملڪ مشڪل وقت مان نڪري رهيو آهي پر اسانجي مخالفن پهرين ڏينهن کان ئي شور مچائڻ شروع ڪري ڇڏيو هو ته حڪومت ناڪام ٿي وئي، هاڻ ٻيهر گوڙ ڪري رهيا آهن، هو چاهين پيا ته حڪومت ناڪام ٿي وڃي ،ڇاڪاڻ حڪومت جيڪڏهن ملڪ کي هن معاشي بحران مان ڪڍي وڃي ها ته هنن جا سياسي دڪان بند ٿي وڃن ها، تنهنڪري مخالفن سڄي قوم کي ٻن اڍائي سالن تائين چيو ته پاڪستان تباهه ٿي ويو، معيشت تباهه ٿي وئي ۽ غريبن جي حالت خراب آهي، ماضي جا حڪمران بادشاهه هئا، هنن جا گهر، عيدون ۽ ملڪيتون به ٻاهر آهن، اهو نه ٿو ٿي سگهي ته ڪو ملڪ جو پيسو ٻاهر کڻي وڃي ۽ ملڪ ترقي ڪري. وزيراعظم عمران خان بلوچستان ۾ دهشتگردن جي حملي ۾ شهيد اهلڪارن جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته دهشتگردن خلاف جنگ جاري رهندي، سازشي عنصرن کي بلوچستان ۾ امن ۽ ترقي جي ڪوششن کي چٿڻ نه ڏينداسين، اسانجي اتحادي حڪومت بلوچستان تي خاص ڌيان ڏنو، صوبي ۾ جهڙي ريت پئسو خرچ ڪيو پيو وڃي، ايئن اڳ ڪڏهن ناهي ٿيو پر ان باوجود سيڪيورٽي فورسز تي حملا افسوسناڪ آهن. هن چيو ته قائد اعظم پنهنجي زندگي جا آخري لمحا هن علائقي ۾ گذاريا، آئون هميشه سوچيندو هيس ته زيارت ضرور ويندس، سڄو پاڪستان گهميو آهي پر جهڙي ريت اڄ هليڪاپٽر ذريعي زيارت جو جائزو ورتو، اهڙو ڪڏهن نه ڏٺو هو، هتي موجود 4 کان 5 هزار سال پوراڻو جهنگل دنيا جو اثاثو آهي. وزيراعظم چيو ته ڏکئي وقت باوجود اسان بلوچستان کي جيترو ٿي سگهيو، فنڊ ڏنا، مونکي ڪي پي ڪي ۽ پنجاب حڪومتون چونديون آهن ته اوهان بلوچستان تي گهڻا مهربان ٿي ويا آهيو، ان جو سبب اهو آهي ته ماضي ۾ بلوچستان کي نظرانداز ڪيو ويو، بلوچستان تي جيڪو پيسو خرچ ڪرڻ گهرجي ها، اهو نه ٿيو، جيڪا پيسا ڏنا به ويا ته اهي به صحيح ريت خرچ نه ٿيا، جيڪڏهن پيسو صحيح خرچ ٿئي ها ته بلوچستان جي حالت بهتر هجي ها. هن چيو ته گذريل سال حڪومت 0.5 سيڪڙو سان ترقي ڪري رهي هئي پر گذريل هفتي جي معاشي اوسر جا انگ اکر آيا، ان مطابق تقريبن 4 سيڪڙو اوسر سان معيشت ترقي ڪري رهي آهي ۽ سڄي اپوزيشن چئي رهي آهي ته هي انگ اکر ٺيڪ ناهن. عمران خان وڌيڪ چيو ته پاڪستان ان ڪري ترقي ڪندو، ڇاڪاڻ الله هن ملڪ کي هر قسم جي نعمت سان نوازيو آهي، اسان کي پڻ ئي خبر ناهي ته الله پاڪستان تي ڪيترو مهربان آهي، ڇاڪاڻ اسانجي جن حڪمرانن جا گهر، عيد جون موڪلون ۽ علاج به ٻاهر هجي،ا نهن کي ڪهڙي خبر ته الله ملڪ کي ڪيترو نوازيو آهي. هن چيو ته زيارت جي سڄي علائقي ۾ سياحت ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو، جنهن جي مقامي ماڻهن کي فائدو پهچي سگهي ٿو، ان جي آمدني ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو، غربت گهٽجي سگهي ٿي، پشاور ۾ جڏهن 2013ع ۾ اسانجي حڪومت آئي ته صوبي جي حالت خراب هئي پر گڏيل قومن جي ڊولپمينٽ پروگرام مطابق 2013ع کان 2018ع دوران سڀ کان تيزي سان غربت جو خاتمو ڪي پي ڪي ۾ ٿيو، ڪي پي ڪي ۾ انسانن، تعليم ۽ صحت تي سڀ کان وڌيڪ خرچ ڪيو ويو، جنهن جو وڏو سبب سياحت هئي، اسان پوري ريت سياحت کي صوبي ۾ بهتر بڻايو، ڇاڪاڻ ان سان مقامي ماڻهن کي روزگار ملندو آهي. وزيراعظم چيو ته جيڪي علائقا پوئتي رهجي ويا آهن، انهن تي خاص ڌيان ڏئي رهيا آهيون، بلوچستان، پنجاب جي اولهه علائقن ۽ سنڌ جي پٺتي پيل علائقن جي به مدد ڪنداسين، پهرين ڪوشش آهي ته پٺ تي پيل علائقن جي ترقي تي ڪم ڪيو وڃي ۽ ٻئي شئي آهي ته جيڪي ماڻهو ترقي ۾ پوئتي رهجي ويا آهن، جيڪو ڪمزور طبقو آهي، ان جي ترقي يقيني بڻائجي.

ڪوئيٽا (م ڊ) وزيراعظم عمران خان ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج ڪوئيٽا جو دورو ڪيو، ان موقعي تي اسٽاف ڪاليج ۾ خطاب ڪندي چيو ته پاڪ فوج جو جڏهن به دشمن سان ٽڪراءُ ٿيو ته ان اهڙا نتيجا ڏنا، جنهن جي ڪابه ڀيٽ ممڪن ناهي، پاڪ فوج دشمن جي ناپاڪ ارادن کي ڪاميابي سان ناڪام بڻايو آهي. هن چيو ته پاڪستان فوج جي پيشيوراڻي صلاحيتن سبب ملڪي دفاع مضبوط آهي.