اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سڌ سماءَ جي وفاقي وزارت پاران پاڪستان ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي جي قيام لاءِ آرڊيننس جي تيار ڪيل ڊرافٽ تي قانون وزارت سان مشاورت جو عمل شروع ٿي ويو آهي، ذريعن مطابق قانون وزارت پاڪستان ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي جي ڊرافٽ تي 50 کان وڌيڪ اعتراض ڪندي ترميمون ڪرڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي آهي، ذريعن مطابق سڌ سماءَ وزارت پاران پيمرا سان به آرڊيننس جي مسودي بابت مشاورت شروع ڪئي وئي آهي، پر پيمرا کي اڃا تائين آرڊيننس جو مسودو ئي نه ڏنو ويو آهي، سڌ سماءَ جي ڊي جي آءِ پي مشاورت جو عمل شروع ڪيو آهي، جنهن کانپوءِ پيمرا سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ ميڊيا اٿارٽي جي آرڊيننس جي بنياد تي سڌ سماءَ وزارت کي لکت ۾ اعتراض ماڻي ڇڏيا آهن، پيمرا پاران موقف اختيار ڪيو ويو ته هن آرڊيننس لاڳو ٿيڻ سان پيمرا جا 650 ملازم نوڪريون وڃائي ويهندا، پيمرا پنهنجي آمدني مان ادارو هلائيندي آهي، اٿارٽي سڌ سماءَ جي ماتحت هوندي پيمرا خودمختيار ادارو آهي.