مني لانڊرنگ ڪيس: برطانوي عدالت سليمان شهباز جي اپيل رد ڪري ڇڏي

0
163
مني لانڊرنگ ڪيس: برطانوي عدالت سليمان شهباز جي اپيل رد ڪري ڇڏي
مني لانڊرنگ ڪيس: برطانوي عدالت سليمان شهباز جي اپيل رد ڪري ڇڏي

ڪراچي (م ڊ) برطانوي هاءِ ڪورٽ سليمان شهباز جي دستاويز جاري نه ڪرڻ واري اپيل رد ڪري ڇڏي، ميڊيا رپورٽس موجب شهباز شريف خاندان جي مبينا مني لانڊرنگ ڪيس جا دستاويز روڪڻ جي  وڌيڪ هڪ ٻي ڪوشش به ناڪام ٿي وئي آهي

نيشنل ڪرائم ايجنسي برطانوي عدالت جي حڪم تي شهباز شريف جا دستاويز جاري ڪري ڇڏيا آهن

برطانوي هاءِ ڪورٽ سليمان شهباز جي دستاويز جاري نه ڪرڻ جي اپيل رد ڪري ڇڏي، عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته شهباز شريف جي مبينا مني لانڊرنگ ڪيس جا دستاويز اي آر (يوڪي) حوالي ڪيا وڃن

ان کان اڳ عدالت اين سي اي کي 8 فيبروري تائين ڪيس جا دستاويز جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، پر شهباز شريف جي خاندان طرفان دستاويز روڪڻ خلاف اپيل داخل ڪئي وئي هئي، جيا هاڻي رد ڪئي وئي آهي

ياد رهي ته ويسٽ منسٽر مئجسٽريٽ 10 جنوري 2022 تي اي آر يو جي درخواست تي حڪم جاري ڪيو هو

گذريل سال سيپٽمبر ۾ به برطانوي عدالت جي حڪم جي ڪاپي شهباز شريف جي بريت بابت مسلم ليگ ن جي دعويٰ کي غلط ثابت ڪري ڇڏيو هو، حڪم نامي ۾ شهباز شريف جو نالو ۽ بريت جو ذڪر نه ڪيو ويو هو ۽ ان وقت جي احتساب واري صلاحڪار شهزاد اڪبر چيو ته هڪ چينل شهباز شريف ۽ سندس پٽ سليمان جي بريت واري ڪوڙي خبر هلائي

 

ھي به پڙھندا

باڊھ ۾ منشيات واپرائڻ سبب 3 ڏينهن دوران 2 نوجوان حياتيون وڃائي ويٺا