سڀني چورن کي منهنجو خوف آهي، تڏهن چون ٿا ته عمران خان کي جلد فارغ ڪريو نه ته سڀ جيل ۾ وينداسين: وزيراعظم

0
243
سڀني چورن کي منهنجو خوف آهي، تڏهن چون ٿا ته عمران خان کي جلد فارغ ڪريو نه ته سڀ جيل ۾ وينداسين: وزيراعظم
سڀني چورن کي منهنجو خوف آهي، تڏهن چون ٿا ته عمران خان کي جلد فارغ ڪريو نه ته سڀ جيل ۾ وينداسين: وزيراعظم

ڪراچي (م ڊ) وزيراعظم عمران خان چيو هي ته چورن ۽ لُٽيرن کي پيغام ڏيان ٿو ته جيڪو ڪرڻو اٿوَ ڪريو، توهان کي قانون جي پڪڙ ۾ اچڻو آهي، انهن سڀني کي منهنجو خوف آهي، تڏهن چون ٿا ته عمران خان کي جلد فارغ ڪريو، نه ته سڀ جيل ۾ وينداسين

فيصل آباد ۾ صحت ڪارڊ جاري ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو آهي ته چور هڪ ٻئي جي پيٽ ڦاڙڻ بدران پيٽ ملائي رهيا آهن، هي جيڪي چور گڏ ٿيا آهن، انهن جي کنگهه جو علاج به پرڏيهه مان ٿيندو آهي

عمران خان چيو آهي ته سڀني ڏٺو ته هڪ ڏوهاري بيماري جو بهانو ڪري پرڏيهه هليو ويو، وڪيل چون ٿا کيس ملڪ لُٽڻ جو ٻيو موقعو ملي ۽ تاحيات پابندي ختم ٿئي، جج به سندن ڪيسز تي ڊگهيون تاريخون ڏين ٿا

هن چيو ته چورن ۽ لٽيرن خلاف 25 سال اڳ جدوجهد شروع ڪئي هئي، آئون سندن مقابلو ڪرڻو لاءِ سياست ۾ آيو آهيان، شهباز شريف جي پارليامينٽ ۾ تقرير  جاب ايپليڪيشن هوندي آهي

عمران خان چيو ته ملڪ ۾ پئسي وارو پنهنجو علاج ڪرائي سگهي ٿو پر غريب جو علاج ڪرائڻ مشڪل آهي، چورن جي ٽولي جو علاج به ٻاهران ٿيو پر رياست ڪڏهن به غريبن جي علاج جي ذميواري نه ورتي، جن ماڻهن جي علاج جي ذميواري کڻڻي هئي اهي لنڊن وڃي رهيا آهن

وزيراعظم اپوزيشن اڳواڻن کي نشاني تي رکندي چيو ته اڄ سڀ چور گڏ ٿي ويا آهن، 20 سال اڳ هڪ ٻئي کي چور چوندا هئا، زرداري جو پيٽ ڦاڙي تحريڪ انصاف کي پيسو نه هو ڪڍڻو،جن کي پيٽ ڦاڙي هڪ ٻئي کان پيسا وٺڻا ڪڍرائڻا هئا اهي اڄ هڪ ٻي سان ملي رهيا آهن، هي ماڻهو گذريل 30 سالن تي حڪومت ڪندا رهيا، توهان کي خبر آهي ته عوام جي ڪهڙي حالت آهي

هن وڌيڪ چيو ته آصف زرداري چوري جي چيڪ بڪ مان ماڻهن کي خريد ڪرڻ لڳو آهي، هرڪنهن کي عمران خان جو خوف آهي، هو تڪڙ ۾ آهن ته کيس هٽايو وڃي نه ته جيل وينداسين

وزيراعظم عمران خان جي بلاول ڀٽو زرداري تي نالو کڻڻ بنا تنقيد ڪندي چيو ته سنڌ جي هڪ ليڊر کي 13سال گذرڻ باوجود اردو ۾ ڳالهائڻ نٿو اچي، هو چوي ٿو ته اسان صحت ڪارڊ نه، اسپتالن تي پئسا خرچ ڪنداسين، توهان کي 13 سالن کان اسپتالن تي خرچ ڪرڻ کان ڪنهن روڪيو هو؟ سنڌ جي اسپتالن کي ڏسو ته ڪهڙي حالت آهي

وزيراعظم چيو ته مان 25 سال اڳ ان خلاف جهاد شروع ڪيو هو، هنن جي هوندي پاڪستان جو ڪو به مستقبل ناهي، جنهن ملڪ جو پيسو چوري ڪري پرڏيهه موڪليو وڃي ان جو مستقبل ڇا هوندو

شهباز شريف تي تنقيد ڪندي سندس چوڻ هو ته ڪروڙين رپيا پاپڙ والا جي اڪائونٽ ۾ اچي رهيا آهن، پنجاب جي وڏي وزير جي پٽ جي پٽيوالي جي اڪائونٽ ۾ 4 ارب روپيا اچي ٿا وڃن، هو پارليامينٽ ۾ ڏيڍ ڏيڍ ڪلاڪ تقرير ڪري ٿو برطانيه ۾ شڪل نٿو ڏيکاري سگهي،شهباز شريف جي تقرير نوڪري جي درخواست آهي ته مون کي هڪ ٻيو موقعو ملي وڃي

هن نواز شريف تي به تنقيد ڪندي چيو ته کيس دل جي بيماري آهي پر هو دل جي بيماري سان ڏاڪڻيون چڙهندو آهي، هو پنهنجي فيڪٽرين جو دورو ڪري رهيو آهي، جيڪڏهن چوري برائي ناهي ته پوءِ ڇو ڪير محنت ڪري

وزيراعظم عمران خان چيو ته مان توهان کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته ڊرامي باز گذريل 5 سالن ۾ ڇا ڪيو ۽ اسان ساڍن ٽن سالن ۾ ڇا ڪيو، هر روز وڏا وڏا منصوبا توهان جي سامهون ايندا، ملڪ ۾ نيون صنعتون اينديون

 

ھي به پڙھندا

 

اپوزيشن جي سياست 50 ڏينهن لاءِ آهي، 50 ڏينهن بعد عمران خان وڌيڪ مضبوط ٿي ويندو: شيخ رشيد