اپوزيشن جي سياست 50 ڏينهن لاءِ آهي، 50 ڏينهن بعد عمران خان وڌيڪ مضبوط ٿي ويندو: شيخ رشيد

0
207
دعا آهي اتحادي عمران خان

اسلام آباد (بيورو) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته اپوزيشن بي اعتمادي رٿ لاءِ ماڻهو آڻي نٿي سگهي، اپوزيشن جي سياست 50 ڏينهن لاءِ آهي، 50 ڏينهن بعد عمران خان وڌيڪ مضبوط ٿي ويندو

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ نيوٽرل ۽ چونڊيل حڪومت سان گڏ آهي، عمران خان چونڊيل وزيراعظم آهي ۽ مقابلو ڪرڻ ڄاڻي ٿو

هن چيو آهي ته فضل الرحمان، پ پ ۽ نواز ليگ جي سياست ڌار ڌار آهي، نواز کان وڌيڪ ڪرپٽ شهباز شريف آهي، شهباز ۽ حمزه خلاف ڪيسز مضبوط آهن

شيخ رشيد وڌيڪ چيو ته اليڪشن ڪميشن جي فيصلي سان حڪومت کي ڪو ڌچڪو ناهي لڳو، فيصل واوڊا فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ويندو ۽ پنهنجو قانوني حق استعمال ڪندو، گذريل ڏينهن اسلام آباد عدالت به عمر امين گنڊاپور وارو اليڪشن ڪميشن جو فيصلو ملتوي ڪيو آهي

ھي به پڙھندا

نئون ڪوٽ واقعو: عدالت پاران گرفتار ڪيل 9 جوابدار جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي