لاهور (م ڊ) حڪومت خلاف بي اعتمادي جي رٿ آڻڻ ۽ ان جي ڪاميابي لاءِ سياسي رابطا تيز ٿي ويا. مسلم ليگ نواز جي قيادت جا متحده ۽ ق ليگ سان رابطا، حڪومت کي هٽائڻ لاءِ مدد گهري وئي. ايم ڪيو ايم اپوزيشن جي پاليسي واضح ٿيڻ تائين مهلت گهري ورتي. مسلم ليگ نواز جي صدر شهباز شريف چيو آهي ته  ايم ڪيو ايم حڪومتي اتحادي هجڻ کان پهرين پاڪستاني آهي ان ڪري عوام جي حق ۾ فيصلو ڪري. مليل اطلاعن موجب ڪالهه مسلم ليگ(ن) جي صدر شهباز شريف سان ملاقات لاءِ متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) جو وفد ماڊل ٽائون پهتو، شهباز شريف ايم ڪيو ايم جي سينئر ڊپٽي ڪنوينر عامر خان ۽ پارٽي اڳواڻ وسيم اختر جو استقبال ڪيو. احسن اقبال، سعد رفيق، شاهه محمد شاهه، مفتاح اسماعيل، مريم اورنگزيب، ملڪ محمد خان به ڳالهين ۾ شريڪ ٿيا. ذريعن موجب  نواز ليگ متحده کان بي اعتمادي جي رٿ جي حمايت جي درخواست ڪئي پر ايم ڪيوا يم چيو ته اپوزيشن جي ايجنڊا واضح ٿيڻ تائين ڪو به فيصلو ڪرڻ کان قاصر آهيون معاملو واضح ٿي وڃي ته بهتر فيصلو ڪنداسين. ملاقات کان پوءِ صحافين سان ڳالهيون ڪندي پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي صدر شهبازشريف چيو ته اقتصادي، معاشي ۽ سياسي صورتحال تي ڳالهيون ٿيون آهن. سنڌ جي صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. شهباز شريف چيو ته عمران خان پاران ڪراچي لاءِ 1100 ارب روپين واري پيڪيج جو ڇا ٿيو؟ عمران خان اپوزيشن کي ڀت سان لڳائڻ چاهي ٿو. ايم ڪيو ايم جي وفد کي گذارش ڪئي آهي ته اوهان حڪومت جا اتحادي ضرور آهيو پر پهريان پاڪستاني آهيو، عمران نيازي جي هٿان ملڪ تباهه ٿي چڪو آهي. هن چيو ته غريب ماڻهو هڪ وقت جي ماني لاءِ سڪي رهيو آهي والدين پنهنجي ٻارن جي في ڏيڻ کان قاصر آهن. ان کان وڌيڪ ڪرپٽ حڪومت جو سوچي نٿو سگهجي. ڪراچي جو امن نوازشريف جي دور ۾ واپس آيو، اها مسلم ليگ(ن) جي وڏي اڳڀرائي هئي، ن ليگ جي حڪومت ۾ ڪراچي ۾ پاڻي جي منصوبن لاءِ تمام گهڻا فنڊ ڏنا ويا.تحريڪ عدم اعتماد جي حوالي سان ليگي صدر چيو ته سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي اجلاس ۾ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف کي فيصلي جو اختيار ڏنو ويو آهي. مون کي سمورين سياسي پارٽين سان رابطا ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. عامر خان ۽ سندس ساٿين کي چيو آهي ته عدم اعتماد آئيني طريقو آهي. توهان اسان جو ساٿ ڏيو. ايم ڪيو ايم وٽ گهڻو وقت نه آهي، کين فوري طور فيصلو ڪرڻو پوندو، جلد فيصلو نه ڪيو ته قوم ايم ڪيو ايم کان سوال ڪندي، اميد آهي ته ايم ڪيو ايم اهو ئي فيصلو ڪندي جيڪو ملڪ ۽ قوم جي حق ۾ هوندو. تحريڪ عدم اعتماد تي ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ عامر خان چيو ته اسان معاملي کي رابطه ڪاميٽي ۽ پنهنجي قيادت جي سامهون رکنداسين ان کان پوءِ جيڪو فيصلو ٿيندو ان بابت آگاهي ڏينداسين، شهبازشريف به اڃا پي ڊي ايم سان ڳالهائيندو، اپوزيشن طرفان ڪا واضح شي سامهون نه آئي آهي، ڪجهه سوال وقت کان اڳ آهن، پهرين اپوزيشن ڪا واضح شي سامهون کڻي اچي ان تي جيڪو به بهتر فيصلو هوندو اهو ڪنداسين. هن چيو ته جهڙي طرح ن ليگ وفاق ۾ مسئلن جو شڪار آهي. اهڙي طرح اسان صوبي ۾ مسئلن جو شڪار آهيون. اسان اهڙي صورتحال تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون آهن.اسان سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي ظلمن جو شڪار آهيون. مهانگائي جي طوفان تي ايم ڪيو ايم به پريشان آهي. صورتحال هاڻ برداشت ڪرڻ جهڙي نه آهي. عامر خان چيو ته سنڌ ۾ مڪاني نظام واري بل خلاف اسان اي پي سي ڪئي هئي. اي پي سي جي قرارداد ۾ سمورين پارٽين اتفاق ڪيو هو. سپريم ڪورٽ جو مڪاني نظام واري بل خلاف فيصلو به آيو آهي. سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي کڻي ٽئي صوبا عدالت به وڃي سگهن ٿا. سمورن صوبن ۾ مڪاني ادارن کي بااختيار هجڻ گهرجي.ٻئي طرف شريف ڀائرن جي چوڌري ڀائرن سان اهم ملاقات جو امڪان به پيدا ٿي ويو آهي ان حوالي سان معلوم ٿيو آهي ته پنجاب جي ٻن اهم سياسي خاندانن شريف خاندان ۽ چوڌري خاندان ۾ اختلافن جي برف ڳري رهي آهي ۽ ٻنهي خاندانن ۾ رابطا وڌي رهيا آهن. رابطن ۾ تيزي بعد ٻن ڏينهن اندر اپوزيشن ليڊر شهباز شريف ۽ چوڌري خاندان جي وڏڙن ۾ ملاقات ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.  چوڌري شجاعت حسين به شريف خاندان سان رابطن جي تصديق ڪري چڪو آهي. ٻئي طرف ٻنهي خاندانن جي ننڍن ۾ به رابطو ٿيو آهي. ڪالهه پنجاب اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ حمزه شهباز پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي جي پٽ ۽ وفاقي وزير مونس الاهي کي فون ڪري ملڪي سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون. ان رابطي کي به اهميت ڏني پئي وڃي.