مني بجيٽ مهانگائي جو طوفان آڻيندي

0
204
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

آءِ ايم ايف کان  قرض جي هڪ ارب ڊالر جي قسط وٺڻ جو وياج  ۽ مور عوام جي جسم مان نپوڙي  ڪڍڻ جو حڪمرانن فيصلو ڪري ڇڏيو آهي،آءِ ايم ايف سان ٺاهه جي صورت ۾ عوام کي رليف ملڻ جا دلاسا ڏيندڙ حڪمران پنهنجي هر ڳالهه وانگر هن تان به يوٽرن وٺندي نظر اچي رهيا آهن،رليف ته ٺهيو رهندو حڪمرانن جي غيرضروري خرچن جي پوراءُ لاءِ آءِايم ايف کان ورتل رقم وياج سميت عوام جي ئي کيسي مان ڪڍڻ جي تياري ڪئي وئي آهي ،خبر آهي ته جلد مني بجيٽ اچڻ واري آهي جنهن جي اڄ ڪابينا منظوري ڏيندي ۽ تقريبن 350 ارب ريپا ٽيڪسن ذريعي عوام جي کيس مان ڪڍيا ويندا،مني بجيٽ جو مطلب ئي مهانگائي جو اهڙو طوفان آهي جنهن سان عوام کي پاڻ سنڀالڻ جو موقعو ئي نه ملندو ۽ کائڻ پيئڻ جي شين سميت عام استعمال جي شين جا اگهه چوٽ چڙهي ويندا.

ڪورونا کانپوءِ ملڪي معيشت جي حالت  انهي بئراجي بند جهڙي ٿي وئي  آهي جنهن کي هنڌان هنڌان روڻيون پيل هجن،هڪڙي جڳهه تان روڻ بند ڪجي ٿي ته پاڻي جو اهو دٻاءُ ٻئي پاسي هليو ٿو وڃي ۽ وري اتان وهڻ شروع ٿو ڪري،سو معيشت جي خرابي  سبب مهانگائي کي هڪڙي پاسي ٻنجو ٿو ڏجي ته ٻئي پاسي کان منهن ڪڍي بيهي ٿي رهي.ملڪي معاملا هلائڻ لاءِ قرض ٿو کڻجي ته بار سڌو عوام جي کيسي تي ٿو پوي.خسارو پورو ڪري لاءِ ڪهڙي شيءَ آهي جنهن جا اگهه نه وڌايا ويا هجن پر خسارو پورو ٿيڻ ته ٺهيو رهندو  عوام به وڃي ٿو ماني جي ٻن ويلن کان محروم ٿيندو.آءِ ايم ايف کي اعتماد ڏيارڻ لاءِ  اڳواٽ ئي پيٽرول ،بجلي جا اگهه وڌايا ويا مٿان وري وفاقي حڪومت اهو ڪيو جو پيٽرول تي سيلز ٽيڪس گهٽائي پيٽروليم ليوي وڌائي رهي آهي

جنهن  جو جيڪو نقصان صوبن جي آمدني تي  ٿيندو ۽ ان جو اهو سڌو سنئون اثر عوام جي  زندگي يا صوبن جي ترقياتي رٿائن تي پوندو ڇاڪاڻ ته سيلز ٽيڪس جو مطلب انهي ورڇ جوڳي پول ۾ وڃڻ آهي جتان صوبن کي حصو ملندو آهي جڏهن اهو سيلز ٽيڪس گهٽبو ته ورڇ جوڳي پول مان صوبن کي حصو گهٽ ملندو ۽ انهن کي پنهنجا ترقياتي خرچ گهٽائڻا پوندا جنهن سان بيروزگاري ۾ اضافو ٿيندو .هي صورتحال ته آءِ ايم ايف جي سفارشن تي عمل ڪرڻ کان اڳ جي آهي جيڪي سفارشون آءِ ايم ايف  پنهنجي قرض جي قسط ڏيڻ سان مشروط ڪيون آهن  انهن تي عمل ڪرڻ لاءِ ئي حڪومت مني بجيٽ آڻڻ جو اعلان ڪيو آهي ۽ انهي بجيٽ جو ٽارگيٽ اهي 350 ارب رپيا اوڳاڙڻ آهي جنهن سان بجلي جون قيمتون به وڌنديون ،پيٽررول جا اگهه وڌائڻا پوندا ٽيڪس ڇوٽ ختم ڪرڻي پوندي سبسڊيز گهٽائڻيون پونديون، انهن سڀني ڳالهين جو مطلب عوام کان هر اها سهولت ختم ڪئي ويندي جيڪا حڪومت ملندڙ ٽيڪسن  مان ڪجهه ڇوٽ ۽ سبسڊيز جي نالي ۾ کين رليف ڏئي رهي هئي.

ٻيو جيڪو اهو ٽارگيٽ مني بجيٽ ذريعي پورو ڪيو ويندو اهو تقريبن اڻ سڌا ٽئڪس هوندا جيڪو ڏهاڙي ڪمائيندڙ به ساڳيو ڀريندو ته اربين رپين جي ملڪيت رکندڙ به ساڳيو ڀريندو. مطلب ته امير تي ان جو فرق پوڻو ناهي ۽ غريب اهو ڀري نه سگهندو ۽ پنهنجي ٻن ويلن جي ماني تان به کيس هٿ کڻڻو پوندو.لڳي ايئن ٿو حڪومت کي عوام جي پرواهه ناهي ۽ پنهنجا معاملا سڌا ڪرڻ لاءِ انهي کي رڳو عوام جو کيسو کپي باقي انهي ٽيڪس اوڳاڙي مان عوام کي واپس ڪجهه ڏيڻو ناهي جيئن صوبن مان ٽيڪس اوڳاڙي مان انهن کي موٽ ۾ ڪجهه داڻا ئي ملندا آهن ۽ سڄي رقم وفاق پاڻ خرچ ڪري ڇڏيندو آهي .

اسان سمجهون ٿا ته وفاق کي پنهنجي وسيلن تي ڀاڙڻ گهرجي ۽ ان مطابق پاليسيون جوڙڻ گهرجن ايئن نه ٿئي ته هر ڀيري معاشي مار جو شڪار عوام ٿئي ۽ جڏهن اتان به پورت نه ٿئي ته صوبن کي ملندڙ رقم گهٽائي پنهنجا وسيلا وڌائڻ جي ڪوشش ڪري ،ڇا وفاق پنهنجا غير ضروري خرچ گهٽ ڪري پنهنجي خساري کي گهٽ نه ٿو ڪري سگهي جو هر ڀيري اهو بار به صوبن ۽ عوام کي کڻڻو ٿو پوي.