هڪ روادار معاشري جي ضرورت

0
220
“وڙھيا واڍا, اڙيا آھتي “
“وڙھيا واڍا, اڙيا آھتي “

جيتوڻيڪ اڄوڪو ڪالم ڪنهن عالمي موضوع تي لکڻو هو پر سوشل ميڊيا تي هڪ ڀونچال آيل ڏسي ان تي لکڻ ويٺو آھيان. لاڙڪاڻي ۾ ڊاڪٽر خالد محمود سومري تي سڏايل “شھيد اسلام ڪانفرنس” ۾ قوم پرست پارٽين جي شرڪت ڪرڻ تي سنڌ اندر وڏو بحث ھلي رهيو آھي.  بحث جو موضوع سيڪيولر ۽ لبرل نقطه نظر رکندڙ قوم پرست پارٽيون آھن. جي يو آئي جهڙي مذھبي پارٽي جي سڏايل ڪانفرنس ۾ سندن شرڪت کان پوءِ کين رجعت پسند ۽ جمهوريت دشمن  پارٽين جا لقب ملي رهيا آھن.  غدار جي الزام هيٺ  ته اڳ ۾ ئي هئا ۽ هاڻي رجعت پسند ۽ جمهوريت دشمنن جي قطار ۾ به شامل ٿيا. ان موضوع تي مولوين جي پوئلڳن ۽ قوم پرستن جي مخالف توڙي موافق دوستن جون ميڊيا تي هڪٻئي مٿان لکت ۾ اُلَرُون ۽ اڻ وڻندڙ جملا پڙھي افسوس ٿئي ٿو.

                 جيئن مذھبي عالم ٿيڻ هڪ سعادت آھي تيئن لبرل ۽ سيڪيولر هجڻ به ڪو خارج از اسلام عمل ڪونهي.  دنيا جي هر معاشري ۾ مختلف خيالن نسلن، قومن ۽ نظرين جا ماڻھو رهندڙ آھن پر اهو به نه وسارڻ گھرجي ته مختلف خيالَ رکندڙ ماڻھو فطري طور  هڪٻئي جا دست نگر يا محتاج به رهندا اچن ٿا. اهڙي طرح سنڌ اندر لبرل سيڪيولر ۽ عالم دين جو هڪ ٻئي تي سماجي انحصار اڻٽر حقيقت آھي. سوشل سائنس جا سڀ علم ان ڳالھه تي متفق آھن ته سماجي واسطا نظرين جا محتاج ناهن هوندا.  پوري مخلوقات ۾ انسان خدا جو نائب ته ڀلي سڏجي پر ان سان گڏ هن کي سماجي جانور هجڻ جو رتبو به مليل آھي. سماجيات sociology کي ڇڏيو پر سماجي حياتيات sociobiology جو مطالعي مان به ثابت ٿئي ٿو ته مذھبن، انسان جي بقا ۽ ترجيحي رجحانن survival and selection ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آھي. تنهن ڪري نظرياتي طور مولوي سان اختلاف ته رکي سگهجي ٿو پر سماجي جانور هجڻ جي ناتي کانئس نفرت نه ٿي ڪري سگهجي ڇو ته مجموعي طور سڀ سماجي علم اهڙو درس ڏين ٿا. ڪارل مارڪس جا مذھب متعلق جملا ته، “مذھب مظلوم ماڻھن جي آهَه آھي، بي دل دنيا جي دل، بي روح حالتن ۾ روح وجهندڙ۔ عوام لاءِ آفيم آھي” ور ور ڪري پڙھڻ ۽ سمجھڻ ضروري آھن.

قوم پرستن جو مولوين وٽ وڃڻ مذھبي سماجي ۽ سياسي نقطه نگاهه کان ڪو ڏوهه لائق عمل ڪونهي. ڊاڪٽر خالد محمود سومري جي ياد ۾ سڏايل ڪانفرنس ۾ وڃڻ ڇو غلط آھي؟ ڊاڪٽر صاحب ته ميڊيڪل جي پهرئين سال ۾ ئي جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي اتحادي طور چانڊڪا جي شاگرد يونين ۾ هڪ ذيلي عهدي تي اليڪشن کٽي ڪامياب ٿيو هو جنهن کي سندس سياسي سفر جي شروعات چئجي. هو ايم آر ڊي تحريڪ ۾ بيگم نصرت ڀٽو جو ساٿي ۽ پيپلز پارٽي جو اتحادي رهيو. منهنجو پيارو دوست ڊاڪٽر علي خان لغاري جيڪو ان وقت چانڊڪا ۾ ميڊيڪل آفيسر هو تنهن کيس لاڙڪاڻي جيل کان اسپتال منتقل ڪرائڻ ۾ مدد ڪئي هئي ڇو ته هو اتي خارش جھڙي موذي مرض ۾ مبتلا ٿي چڪو هو. ملڪ ۾ جمهوريت لاءِ اهڙين تڪليفن کان پوءِ ڪالاباغ ڊيم معاملي کان وٺي سنڌ جي مفاد وارن سڀني مطالبن تي سندس موقف چٽو ۽ واضح رهيو. کيس بلاشبه شھيدِ جمهوريت ۽ شھيدِ سنڌ چئي سگھجي ٿو. سندس اولاد کيس شھيد اسلام سڏي تڏهن به ڪنهن کي ڪهڙو اعتراض. عالم ۽ مولوي هجڻ باوجود هن پنهنجي زندگي ۾ ڪنهن مسلم يا غير مسلم تي ڪا فتوى جاري ڪانه ڪئي. جيڪو سندس جيون کاتي ۾ ھڪ وڏو عمل شمار ڪري سگهجي ٿو.  ڇو ته سنڌ ۾ ڪي ڳاڻ ڳڻيا عالم هوندا جن ڪفر جون فتوائون جاري نه ڪيون هونديون بلاشبه خالد محمود انهن مان هڪ هو.

عام ماڻھوءَ جو ان ڪانفرنس ۾ قوم پرستن جي شرڪت تي اعتراض ۽ تنقيد بجا آھي ڇاڪاڻ ته سنڌ جي هي مذھبي پارٽي، مذھبي قدرن جي آڙ ۾ سيڪيولر ۽ لبرل گروپن سان منهن مقابل بيٺل نظر اچي ٿي. تاريخي طور سنڌ ۾ اهڙا عالم به ٿي گذريا آھن جن مذھب جي آفاقي پيغام تي ان جي روح مطابق عمل ڪيو. مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ،  ڀٽائي جا تنبور ڀڃڻ جي فتوى ڪا نه  ڏني هئي. کهڙن جا مخدوم عالم به هئا ته اهل دل پڻ، تن پنهنجي پاڙيسري سچل سائين کي اسلام مان خارج ڪونه ڪيو هو، هٿئون هڪ ظالم وڏيري هٿان پاڻ ۽ سندن ٻه سو ماڻھو شھيد ٿيا هئا. بزرگ ٻير واري،  “جيئن ڏٺو آھي مون” تي قلم کي ڪاتي ڪري وهائڻ کان پاسو ڪيو هو پر خالد محمود جي سٿ جي موجوده عالم سڳورن ڪجھه سالن کان مذھب کي ذاتي نمائش لاءِ جهڙي طريقي سان پئي استعمال ڪيو آھي، ان تي سنڌ جي شعور جو اعتراض حق بجانب آھي.

ڊاڪٽر صاحب جي موجوده ساٿين جو اهو حال آھي ته، ملڪ جي ٻين صوبن جي فرقي پرست عالمن جي تطبع تي سنڌ جي پڙھيل لکيل ساڃھه وندن مٿان ڪفر جون فتوائون صادر ڪندي دير ئي ڪونه ٿا لڳائن۔ ھئڻ ته ايئن گھرجي جو ڪنهن ڀليل ۽ ڀٽڪيل روح کي محبت ۽ پيار سان صراط المستقيم تي آڻجي، اڃان نه مڙي ته عذاب الاهي جا دڙڪا ڏجن ۽ آخر ۾ معاملو خدا تي ڇڏجي جيڪو درس آهي ٺٽوي کان وٺي مولوي ٻير تائين،  پر هنن کي ڪير سمجھائي .

هاڻي ته سنڌ ۾ اها روايت شروع ٿي چڪي آھي جو جيڪا ڳالهھ عالم سڳوري کي پسند ڪانهي تنهن تي خود ساخته جملا گهڙي ان کي غير شرعي ڪم سڏي ٿو. مان به فارسي جا ڪجھه اکر مدرسي ۾ پڙھيو آھيان، پنهنجي  اسڪول ۽ مدرسي جي استادن تي بجا فخر اٿم ڇو ته هو نصابي ۽ ديني علم ذريعي ڀٽڪيل ذھنن جي آبياري ڪندڙ استاد ۽ عالم هئا. خدا قرآن ۾ ورجائي، ورجائي حڪم ڏئي ٿو ته پنهنجي عقل کان ڪم وٺو ۽ اوهان مان هر ڪو پنهنجي ايمان ۽ عمل جو پاڻ ذميوار آھي پر هتي ڍينگو ئي ڍير لڳو پيو آھي ڇو ته ماڻھن جي هر عمل ۽ ايمان تي عالم سڳوري جي اک آھي. هو چاهين ٿا ته ماڻھو پنهنجي عقل ۽ شعور کان ڪم وٺڻ بدران سندن تقليد ڪن جيڪا elitist سوچ آھي.

سنڌ جي عالم سڳورن عقل جي پوئيواري ڪرڻ، پيار ۽ محبت جو درس ڏيڻ ئي ڇڏي ڏنو آھي. سندن سڀني علتن جو پهريون شڪار سنڌ جي عورت آھي، حالانڪه عورت جي آزادي جي ڳالھه نه مذھبي آھي نه مغربي ۽ نه مشرقي بلڪه خالص سماجيات جو سوال. اهي سماج جون ضرورتون ۽ تقاضائون آھن جيڪي عورت جي ذھني جسماني ۽ معاشي آزادي جي گھر ڪن ٿيون. اسلام سميت  سڀني عالمگير مذھبن ۾ واضح طور مادري matriachal ۽ پدري patriarchal دورن جي نشاندهي ملي ٿي. ڳالھه رڳو سمجھڻ ۽ غور سان پڙھڻ جي آھي. عورت جي غلامي جا پيرا، 800 قبل مسيح ھومر جي دور ۾ ملن ٿا. يونان جي تاريخ پڙھو ته سهي، فلسفي ۽ عقل جي هن سرزمين ۾ به عورت کي چادر ۽ چوديواري ۾ بند رکيو ويندو هو. افلاطون اڄ به وڏو نالو آھي پر عورت کي ووٽ ڏيڻ جي حق کان به محروم رکيو اٿس. فطري طور دنيا ۾ ارتقائي عمل جاري رهندو اچي ٿو. هر دور جون گهرجون ۽ تقاضائون پنهنجون پنهنجون هونديون آھن. افلاطون کان پوءِ وارن مذھبن کي ته  ڇڏيو پر آخري مذھب اسلام به پنهنجي دور جي تقاضائن مطابق عورت کي حق ڏنا. هن دور جي سماج جون ضرورتون يوناني دور جي ان وقت جي سماج کان مختلف آھن.

هي دور معاشي آزادي جو دور آھي. مغرب ۾ آيل صنعتي انقلاب عورت جي آزادي ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو ۽ کيس احساس ڏياريو ته هوءَ پنهنجي عزت ۽ وقار جي پاڻ رکوال آھي. نه مُڙس، نه پيءُ، نه چاچو مامو، نه مولوي نه وڏيرو يا پِير.  معاشي طور آزاد سنڌي عورت به آزاد سماج اڏڻ ۾ مددگار بڻبي. ان جي آزادي جي راهه ۾ مذھب کي استعمال ڪرڻ کين بداخلاق ۽ بي راهه سڏڻ منطق ۽ دليل جي خلاف آھي. عورت جي بي راهه روي تي سندن اهڙا دليل لواطت جي شڪار يوناين جي سماجي سرشتي سان ٺھڪندڙ آھن.

عالم سڳورن ان ڳالھه تي سوچيو ئي ڪونهي ته چار ديواري ۾ بند، روزي نماز سان گڏ ٻين شرعي ڪمن جي به پيروي ڪندڙ عورت سماج جي ڀلائي ۾ ڪهڙو ڪردار ادا ڪري سگهندي. آزادي ملڻ تي رڳو عورت مٿان بي راهي ۽ بداخلاقي جو  الزام ڇو ٿو لڳايو وڃي. مرد تي اهڙي فتوى ڇو صادر نٿي ٿئي. سوشل ميڊيا تي به مذھب، اخلاق ۽ انساني قدرن کي لتاڙيندي عورت تي جيڪو تبصرو ڪيو وڃي ٿو ان متعلق عالم سڳورا خاموش ھوندا آھن. ياد رکڻ گھرجي ته ڪنهن به قوم جا سماجي اخلاق هڪ ڏينهن ۾ ٺهندا يا بگڙجندا ڪونه آھن. اوڏوهي آھستي کائڻ شروع ڪندي آھي ۽ هڪ ڏينهن سڄو گهر ڌڙام سان ڪري پوندو آھي. سنڌ ۾ فرقي پرستي، عورتن تي حملا ۽  اقليتن سان سٺو سلوڪ ختم ٿيڻ سان گڏوگڏ گاريال ڪلاس جنم وٺي چڪو آھي. سنڌ جي قوم پرست پارٽين کي وک اڳتي وڌائي سنڌ جي تهذيب کي بچائڻ ۽ مولوي کي محبت سان سمجھائڻ گھرجي. ڇو ته سنڌ جي طبعي حالتن سان گڏ هو ان جي تهذيب ۽ ڪلچر جا پڻ محافظ آھن. آزاد سيڪيولر ۽ لبرل ڪلچر جا محافظ۔

[email protected]