اسلام آباد (م ڊ) ملڪ ۾ مهانگائي جي هفتيوار شرح 28.44 سيڪڙو ٿي وئي آهي شماريات کاتي جي هفتيوار رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ختم ٿي ويل هفتي دوران پٽاٽن، گوشت، دالين ، چانورن سميت 18 شين جي اگهن ۾ واڌ ٿي آهي جڏهن ته 17 شين جا اگهه لٿا آهن ۽ 16 شين جي اگهن ۾ استحڪام رهيو.