اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پيٽروليم شين جا ساڳيا اگهه برقرار رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. اوگرا طرفان سمري ۾ پيٽرول جي قيمت ۾ معمولي لاٿ جي سفارش ڪئي وئي هئي، ڊيزل جي اگهن ۾ واڌ جي سفارش ڪئي وئي هئي. ناڻي واري وزير اسحاق ڊار چيو ته 31 آڪٽوبر تائين پيٽروليم شين جا اگهه برقرار رهندا، اوگرا جي سمري واشنگٽن ۾ مون کي پهچائي وئي، جنهن ۾ پيٽرول جي قيمت ۾ معمولي لاٿ جي سفارش ڪئي وئي هئي. هن وڌيڪ چيو ته سمري ۾ ڊيزل، گاسليٽ ۽ لائٽ ڊيزل جي قيمت وڌائڻ جو ذڪر هو، وزيراعظم جي مشوري ۽ اجازت سان اگهه برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. پيٽرول جي قيمت 224 رپيا 80 پئسا، هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت 235 رپيا 30 پئسا، لائيٽ ڊيزل جي قيمت 186 رپيا 50 پئسا ۽ گاسليٽ في لٽر قيمت 191 رپيا آهي.