صدرجي ڀٽيون (ن پ ا) احمدپور لڳ ڳوٺ فتح علي چانڊيو واسي نوجوان ڪراچيءَ ۾ هٿياربندن هٿان قتل ٿي ويو.  ڪامران پٽ رياضت چانڊيو کي پستول جا فائر ڪري قتل ڪيو ويو. نوجوان جي قتل جي خبر ٻڌي سندس گهر ۾ ڪهرام مچي ويو. تفصيل موجب احمدپور لڳ ڳوٺ فتح علي چانڊيو جو رهواسي نوجوان ڪامران علي پٽ رياضت علي چانڊيو کي بيدردريءَ سان قتل ڪيو ويو. ڄاڻايل نوجوان ڪجھه عرصي کان ڪراچي ۾ روزگار لاء ترسيل هو، جنهن کي نامعلوم هٿياربند پستول جون گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. قتل جي خبر پوڻ تي گهر ۾ ڪهرام برپا ٿي ويو. معلوم ٿيو آهي ته ڪراچيءَ ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.