لاڙڪاڻو (بيورورپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي مارڪيٽ ٿاڻي جي پوليس مقابلي ۾ هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، ان ڏس ۾ پوليس موجب ته  زخمي ڏوهاري جي سڃاڻپ الھه آباد محلا واسي فريد شيخ طور ٿي  آهي، پوليس موجب جوابدار کي اسپتال منتقل ڪيو آهي،  پوليس موبائيل انچارج بدلو خروس  ٻڌايو ته موبائيل ۾ گشت ڪري رهيا هئا سين ته ڦر جي ارادي سان بيٺل ڏوهارين پوليس کي ڏسي فائرنگ ڪئي جوابي فائرنگ ۾ هڪ ڏوهاري فريد شيخ کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري وٽان بغير لائسنس جي پسٽل هٿ ڪري ورتو آهي.