اسلام آباد: سنڌ صوبي جو ملڪ جي ڪل آبادي ۾ حصو 1998ع جي آدمشماري مطابق 23 سيڪڙو هو، جيڪو 2017ع جي آدمشماري تحت ملڪ جي ڪل آبادي ۾ سنڌ جو حصو 23.04 سيڪڙو ٿئي ٿو، بلوچستان صوبي جو 1998ع جي آدمشماري تحت ملڪ جي ڪل آبادي ۾ حصو 4.96 سيڪڙو هو، جيڪو 2017ع جي آدمشماري ۾ وڌي 5.94 سيڪڙو تي پهتو آهي ڪي پي ڪي صوبي جو 2017ع ۾ ملڪ جي ڪل آبادي ۾ حصو فاٽا سميت 17 سيڪڙو جي لڳ ڀڳ ٿئي ٿو. 1998ع جي آدمشماري تحت پنجاب صوبي جو ملڪ جي ڪل آبادي ۾ حصو 55.63 سيڪڙو هو، 2017ع جي آدمشماري تحت پنجاب صوبي جو ملڪ جي ڪل آبادي ۾ حصو گهٽجي 52.94 سيڪڙو تي پهچڻ جو امڪان آهي.