اسلام آباد: سي سي آءِ پاران 2017ع جي آدمشماري جي انگن اکرن کي سرڪاري طور تي لاڳو ڪرڻ جي اڪثريت راءِ سان ڏنل منظوري واري فيصلي خلاف سنڌ حڪومت آئين جي آرٽيڪل 154 جي شق 7 تحت ان فيصلي خلاف گڏيل پارليامينٽ جي اجلاس ۾ معاملو اٿاري سگهي ٿي، سنڌ حڪومت پاران گڏيل پارليامينٽ جي اجلاس ۾ اهو معاملو موڪلڻ جي صورت ۾ گڏيل پارليامينٽ جو فيصلو آئين موجب حتمي تصور ٿيندو، گڏيل پارليامينٽ جي اجلاس ۾ سنڌ حڪومت پاران اهو مامرو موڪلڻ جي صورت ۾ ارڙهين ترميم کان پوءِ اهو پهريون مامرو هوندو جيڪو سي سي آءِ جي فيصلي سان اتفاق نه ڪرڻ جي صورت ۾ گڏيل پارليامينٽ ۾ پهچندو. گڏيل پارليامينٽ کان علاوه سنڌ حڪومت وٽ فيصلي کي عدالت ۾ چيلينج ڪرڻ وارو به رستو موجود آهي، پر عدالت سان رجوع ڪرڻ جي صورت ۾ عدالت آئين ۾ ڏنل گڏيل پارليامينٽ سان رجوع نه ڪرڻ وارو سوال اٿاري سگهي ٿي.