اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ملڪ جي ڏورانهن علائقن ۾ احساس محرومي بابت درخواست ٻيهر ترميم ڪري داخل ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، ڪالهه جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ درخواست گذار راجا ناصر جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، درخواست گذار دليل ڏيندي چيو ته هن وقت ملڪ جا ڏورانهان علائقا بنيادي سهولتن کان محروم آهن، حڪومت قومي اقتصادي ڪائونسل جو اجلاس نه گهرائي رهي آهي جڏهن ته آئين مطابق ان ڪائونسل جو اجلاس سال ۾ 2 ڀيرا ڪوٺائڻ ضروري هوندي آهي، صوبائي سطح تي وسيلن جي ورڇ برابري واري اصول تي هئڻ گهرجي، جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته صوبن ۾ هن وقت ڪيترن ئي علائقن کي نظر انداز ڪيو پيو وڃي، بلوچستان جي ڪيترن ئي علائقن ۾ پيئڻ لاءِ پاڻي جي سهولت موجود ناهي، موٽروي واري روڊ کان هيٺ لهجي ته معلوم ٿئي ٿو ته انهن روڊن ۽ رستن جو ڇا حال آهي، شهرن ۾ عاليشان اسڪول آهن پر ڳوٺاڻن علائقن ۾ تعليم جو برو حال آهي، صوبن وچ ۾ برابري جي بنياد تي وسيلن جي ورڇ آئيني ذميواري آهي، جسٽس منيب اختر چيو ته نيشنل اڪنامڪ پاليسي ٺاهڻ عدالت جو ڪم ناهي، جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته آئين جي آرٽيڪل 184 جي شق 3 تحت ڪيسن جو معيار سخت ڪيو ويو آهي، هي عام نه پر سنجيده معاملو آهي، درخواست گذار جي درخواست ۽ ان جي دليلن ۾ فرق آهي، اوهان جي درخواست سٺي آهي پر ان ۾ ترميم ڪرڻ گهرجي، عدالت جي اهڙي ريمارڪس اچڻ کان پوءِ درخواست گذار درخواست ۾ ترميم ڪري ٻيهر داخل ڪرڻ جي درخواست ڪئي جيڪا عدالت قبول ڪري ورتي.