ملڪي حڪمرانن ۾ مرزا غالب جيترو به ‘تدبر’ ڪونهي!

0
323
ملڪي حڪمرانن ۾ مرزا غالب جيترو به ‘تدبر’ ڪونهي!

 مرزا اسداللھ خان ‘غالب’ ھن وقت حيات ھجي ھا ۽ پاڪستان ۾ ھجرت ڪري اچي ھا ته عوام سندس معاشي معاملن کي ھلائڻ جي صلاحيتن کي ڏسي کيس ملڪ جي خزاني جو وزير ضرور بڻائي ھا. ھڪ ته ھن جي زندگي جو ڳچ حصو ڪسمپرسي ۽ مفلسي وارو گذريو پر تنھن ھوندي آئون ھن کي ھن دور جو عظيم معاشي ماھر سڏيان ٿو. ھن جو نه ڪي ڪو ڪاروبار ھو، نه وري ڪا اباڻي ملڪيت ھيس پر تنھن ھوندي به سندس طرز زندگي شاھاڻي ضرور ھئي. ھن پنھنجي مالي مسئلن جو حل اڌار ۽ فقط اڌار کي ئي سمجھيو ھو. ھو قرض لاھڻ جي بدران انھيءَ ديوان وٽ بار بار حاضر ٿيندو ھو، جنھن کي پڻ اھو معلوم نه ھو ته ھو آخر مرزا اسداللھ ‘غالب’ کي قرض ڇو ڏيئي رھيو آھي! ۽ چڱي ريت ڄاڻندو ھو ته مرزا اھو قرض ادا ڪرڻ جي قابل شايد ئي ڪڏھن  ٿيندو! مرزا غالب کي آئون ان ڪري ڪامياب معاشي ماھر سڏيان ٿو ته ھو قرض کڻي پنھنجين معاشي معاملن کي عارضي طور تي حل ته ڪندو ھو پر ھن کي عيوضي ۾ ڪا ملڪيت توڙي ضمانت طور ڪنھن دوست يا عزيز قريب جو سھارو نه وٺڻو پوندو ھو، نه وري قرض ڏيندڙ ديوان کيس ڪنھن به اھڙي پاليسي يا معاھدي تي عمل درآمد ڪرائڻ جو چوندو ھو، جنھن سان ھو مستقبل قريب ۾ اھو قرض ادا ڪري سگھي. انھيءَ ڪري منھنجو اھو خيال آھي ته جيڪڏھن مرزا غالب حيات ھجي ها ته کيس وطنِ عزيز ۾ معاشي معاملن وارو قلمدان ڏيئي گھٽ ۾ گھٽ قرض مٿان قرض آساني سان کڻائي سگھجي ھا.

ملڪ ۾ ھن وقت بحث ھلي رھيو آھي ته  خزاني واري وزير جي معاشي پاليسين جي ناڪامين سبب ملڪ انتھائي بحراني صورتحال کي منھن ڏيئي رھيو آھي ۽ ملڪ جو ڏيوالو نڪرڻ وارو آھي. ملڪي ڏيوالو ڇا ٿيندو آھي ۽ انھيءَ جا ڪھڙا ڪارڻ ھوندا آھن، اچو ته پھرئين انھيءَ کي آسان لفظن ۾ سمجھي وٺون. جڏھن ڪو به ملڪ ڏيھي توڙي پرڏيھي قرض جي رقم ۽ انھيءَ جي وياج جي رقم ادا ڪرڻ جي قابل نه ھجي، ملڪي ضرورتن کي پوري ڪرڻ جي لاءِ انھيءَ ملڪ جا خزانا خالي ٿي وڃن، ملڪي ناڻي جي قدر گهٽجي وڃي، ملڪي وياج جي شرح تمام گھڻي وڌي وڃي ۽ ملٽي نيشنل ڪمپنيون پنھنجا لڳايل سيٽ اپ يا وري شيئرز وڪڻي ملڪ ۾ ڪاروبار ڪرڻ ڇڏي ڏين ته اھڙي صورتحال کي ملڪي ڏيوالو سڏيو ويندو آھي، پوءِ مرزا غالب جي ديوان جيان ھڪ ٽئين ڌر/دوست ملڪ يا وري بين الاقوامي ادارا بيل آئوٽ پروگرام ڏيندا آھن. ملڪي ڏيوالي جا سڀ کان وڏا ڪارڻ ملڪي آمدني کي وڌائڻ جي بدران امپورٽ ۾ بي انتھا اضافو ھوندو آھي. اوھان کي حيراني ٿيندي ته دنيا جا ھيل تائين تقريبن 160 کن ملڪ ڊفالٽ ڪري چڪا آھن. جنھن ۾ روس ۽ سريلنڪا پڻ شامل آھن. سريلنڪا جي ڊفالٽ ٿيڻ جي انھيءَ ڪارڻ کي ڪڏھن به رد نٿو ڪري سگھجي ته سريلنڪا جي چين سان ويجھڙائي جي سزا عالمي مالياتي ادارن جي طرفان ڏني ويئي.

جون 2010 ۾ جڏھن عالمي مالياتي اداري آئي ايم ايف بجيٽ ۾ ويليو ايڊيڊ ٽئڪس رولز کي ايوان مان منظور ڪرائي پھرئين جولاءِ 2010 کان ان تي عمل درآمد ڪرڻ لاءِ چيو ويو ھو، ان وقت آئي ايم ايف پنھنجو پنجون مالياتي جائزو وي اي ٽي سان مشروط ڪيو ھو ۽ وفاق ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي حڪومت ھئي. ماضي قريب ۾ پي ٽي آءِ جي طرفان جڏھن آءِ ايم ايف جي طرفان طئه ڪيل شرطن موجب مالياتي ترميمي بل پاس ڪرايا ويندا ھئا ته موجودہ حڪمران اسٽيٽ بينڪ جي چيئرمين کي آءِ ايم ايف جو ڪارندو ۽ حڪمرانن کي آءِ ايم ايف جي اڳيان گوڏا کوڙڻ جي ڳالھ ڪندا ھئا، ھن وقت انھيءَ مالياتي اداري کي گذريل 15 مھينن کان ميڙ منٿ جو سلسلو پڻ جاري آھي. چيو ٿو وڃي ته ھن وقت آءِ ايم ايف پاڪستان سان ھن وقت جيوپوليٽڪس ڪري رھيو آھي. پاڪستان آءِ ايم ايف جي اڳيان 23 دفعا پنھنجو دامن ڦھلائي چڪو آھي.

ھونئن ته ملڪ جي ھر ھڪ گھر ۾ ھڪ کان ٻه معاشي ماھر موجود نظر اچن ٿا ۽ ھر ٽيليويزن چينل تي  معاشي ماھر جيڪي ڪنھن نه حڪومت جو وقت به وقت حصو رھيا آھن، اھي پنھنجا معاشي منصوبا ۽ عقل ڀريون ڳالھيون ڪندي نظر اچن ٿا. انھن ئي معاشي ماھرن جي طرفان   وفاقي خزاني واري وزير اسحاق ڊار جي پيش ڪيل بجيٽ کي غيرحقيقي ۽ ملڪي تاريخ جي بدترين بجيٽ سڏيو پيو وڃي. ھن بجيٽ ۾ جيتوڻيڪ اٽي ۾ لوڻ برابر صرف پگھاردار طبقي کي رليف مھيا ڪيو ويو آھي، تنھن باوجود ملڪ جي ايئر ڪنڊيشنڊ ڪمرن ۽ آفيسن ۾ ڪم ڪندڙ توڙي واپار ڪندڙ وڏن معاشي ماھرن ۽ واپارين کي اھو ھضم ٿيندي نظر نٿو اچي. ملڪ ۾ بيروزگاري جي شرح تيزي سان وڌي رھي آھي،

مھانگائي جو جن بي قابو ٿي چڪو آھي. کاڌ خوارڪ، پئٽرول ۽ ڊيزل جون قيمتون گذريل ھڪ سال جي ڀيٽ ۾ ٻيڻ کان مٿي وڌي چڪيون آھن. بجلي اگھن ۾ نيپرا آئي ڏينھن فيول ايڊجسٽمينٽ جي نالي تي واڌ ڪري رهي آھي. گھريلو اگھ تي ملندڙ بجلي جو يونٽ ڪمرشل واري اگھ کان چوٽ چڙھي چڪو آھي، غيرملڪي سيڙپ ڪار توڙي ملڪي واپاري اوھان تي ڀروسو ڪرڻ جي لاءِ تيار ناھن. حڪومتي وياج جي پاليسي موجب وياج جي شرح 21 سيڪڙي کان 25 سيڪڙي تي پھچي چڪي آھي. ملڪي ڪرنسي تاريخي زوال تي آھي. عالمي مالياتي ادارا اوھان جي ملڪي معاشي حالتن تي ڳڻتي ظاھر ڪندي اوھان تي اعتبار ئي ڪرڻ  جي لاءِ تيار ناھن. پاڙيسڙي ملڪ به اوھان جي ڪنھن ھڪ حد تائين سھارو ڏيڻ لاءِ لنوائيندي مس تيار ٿين ٿا پر تنھن ھوندي به وفاقي توڙي صوبائي حڪومتون عوام دوستي جو وڏيون دعوائون ڪن ٿيون. خزاني وارو وزير اسحاق ڊار، وزير اعظم شھباز شريف توڙي وزير خارجا بلاول ڀٽو ڀلي اھو بار بار دھرائيندا رھن ته ملڪ ڏيوالي طرف ھرگز نه ويندو پر عوام جو ٻن سالن ۾ ڏيوالو نڪري چڪو آھي. ھن وقت ملڪ سان گڏوگڏ عوام کي پڻ بيل آئوٽ پروگرام جي اشد ضرورت آھي.