سنڌ ۾ وڌنڌڙ بدامني، ڌاڙيل ڪلچر ۽ عورتن جو قتلام

0
318
سنڌ ۾ وڌنڌڙ بدامني، ڌاڙيل ڪلچر ۽ عورتن جو قتلام

 سنڌ جا ماڻهو، جن جي مهمان نوازي ڪوهين ڏور خوشبوءَ وانگر پکڙيل هئي، سادا سٻاجهڙا ڌرتيءَ سان عشق ڪندڙ ماڻهو، جيڪي عزتن، ننگن ۽ دنگن تي سِرُ ڏيندا هئا، ايتري قدر جو نياڻي درُ ٽپي اچڻ تي خون به معاف ڪيا ويندا هئا. عورت جي ايتري عزت هئي، جو ڌاڙيل جڏهن ڪنهن بس، ويگن يا ڪار کي روڪي ڦُر لاءِ گاڏين ۾ چڙهندا هئا ته عورتن کي ڏسي گاڏيءَ مان لهي ايندا هئا يا انهن عورتن کي “امڙ” چئي مٿي تي هٿ رکندا هئا پر افسوس جو اڄ شڪارپور جهڙي ضلعي ۾ ٻه عورتون اڪيليون گذرن ٿيون ته نه انهن جون عزتون محفوظ آهن، نه وري سونا زيور. خاص ڪري ڪنڌڪوٽ، جيڪب آباد، شڪارپور ۽ گهوٽڪيءَ جون حالتون انتهائي خراب آهن. ڪشمور- ڪنڌڪوٽ ضلعو هن وقت تاريخ جي بدترين دور مان گذري رهيو آهي، جتي ڏينهن ڏٺي جو ڦُرون ٿي رهيون آهن، ڌاڙا لڳي رهيا آهن، ماڻهن کي اغوا ڪيو وڃي ٿو ۽ اغوا کان پوءِ جيڪو حشر انهن سان ٿئي ٿو، سو هڪ اُهو بندو ڄاڻي ٿو ۽ خدا ڄاڻي ٿو! ايتري تذليل جو انهن جو عزتون لُٽيون وڃن ٿيون. چوڻ لاءِ ۽ لکڻ لاءِ ٻيو ڇا بچي ٿو؟ وڏا ته ڇڏيو، ننڍا ٻار به اغوا ٿي رهيا آهن. سمرت ڪمار ته امجد شيخ جي ڪوششن سان بازياب ٿي ويو پر سنگرار جي پِريا ڪماري کي ايترو عرصو گذري چڪو آهي، معصوم نياڻيءَ جو ڪو به ڏسُ پتو ناهي. هن وقت پِريا ڪماري تي پوليس جي خاموشي به هڪ سواليه نشان آهي. معصوم نياڻيءَ جي امڙ رت جا ڳوڙها روئي رهي آهي.

ٽي ڏينهن اڳ جو واقعو آهي ته شڪارپور، رستم ۾ ڪارنهن جي تڪرار تان ڇھ جانيون ضايع ٿي ويون، انهن مان ٽي عورتون هيون. ان کان هڪ ڏينهن اڳ قبيلائي تڪرار تان شڪارپور ۾ ٻه عورتون قتل ڪيون ويون هيون. اسان ڪهڙي سماج ۾ رهون ٿا، جتي قبيلائي جهيڙا مردن جي پنهنجي ذاتي تڪرار تان شروع ٿين ٿا ۽ بدلي ۾ عورتون قتل ڪيون وڃن ٿيون. مطلب ته اسان جو سماج بيحس سماج ٿي ويو آهي، جنهن کي پنهنجي ثقافت، پنهنجي تاريخ ۽ قدرن سان ڪو به چاههُ ناهي رهيو، (اڪثريت جي ڳالهه ڪريان پئي.) اسان ذهني طور ايترا پسماندا ٿي ويا آهيون، جو پنهنجي هٺ، وڏائي ۽ ڪوڙي اَنا خاطر قبيلائي جهيڙن ۾ پلاند در پلاند وٺون ٿا. انهيءَ پلاند ۾ عورتون قتل ڪيون وڃن ٿيون. انهيءَ پلاند ۾ عورتون اغوا ٿي رهيون آهن. بنا سبب جي عورتون ڀُنگ خاطر اغوا ٿي رهيون آهن. نازيه کوسو ۽ ڪوثر کوسو جو اغوا ڪنهن کان وسريو هوندو؟! بيگناه ڳورهاري عورت، معصوم نياڻيءَ سميت ڏينهن ڏٺي جو ڪنڌڪوٽ مان اغوا ڪئي وئي. سندس واپس موٽائڻ جون هن وقت تائين سڀ ڪوششون ناڪام ويون آهن. اهڙن واقعن ۾ ڏينهون ڏينهن  واڌ ٿي رهي آهي. افسوس جو علائقي جو ايس ايس پي بيوس بڻيل آهي، ڇو جو ڌاڙيل ڦورو اهڙيون ڪاروايون ڪري ڪچي طرف فرار ٿي وڃن ٿا، جتي انهن جون ڪيٽيون ٺهيل آهن، بجليءَ جي مڪمل سهولت موجود آهي. ڌاڙيلن وٽ هٿيار اهڙا آهن، جو ضلعي پوليس به پريشان آهي ته انهن هٿيارن کي منهن ڪيئن ڏجي!

سوچڻ جي ڳالهه اِها آهي ته انهن ڌاڙيلن جي سرپرستي ڪير ڪري ٿو؟ ڪهڙيون ڌُريون آهن، جن جي زور تي ڌاڙيل ڪچي جا بادشاهه بڻيا ويٺا آهن، جو انهن اڳيان صوبي جي پوليس  به بيوس بڻيل آهي؟! ضرور اهڙي ڪا قوت آهي، جيڪا سنڌ ۾ بدامني چاهي ٿي. اهي اهڙو ماحول جوڙڻ چاهين ٿا، جنهن سان عوام بيچين هجي، هر پاسي مسئلا ئي مسئلا هجن، هر طرف رڳو پريشاني هجي ۽ ڳوٺن جا سردار، وڏيرا ۽ ڀوتار ته اڳ ئي ڌاڙيلن جا پاٿاريدار رهيا آهن. انهن کي پنهنجي قوت وڌائڻ لاءِ اهڙا ماڻهو رکڻا پوندا آهن، جيڪي انهن جي طاقت کي وڌيڪ ٻيڻو ڪن، اليڪشن جي ڏينهن ۾ انهن جو ساٿ ڏين. مطلب ته طاقت جو مظاهرو ضرور ڪرڻو آهي، جنهن جي ڪري انهن کي ڌاڙيلن جي ساٿ جي هر وقت ضرورت پوي ٿي. افسوس ته اِهو آهي جو ساڳيا ئي وڏيرا، پير، مير ۽ ڀوتار ايم اين اي، ايم پي اي ٿي اسيمبلين ۽ سينيٽ ۾ ويٺل آهن. هاڻ ٻڌايو ته سڌي يا اڻ سڌي طرح حڪومت ملوث آهي يا نه؟ سنڌ حڪومت چاهي ته پنهنجن ميمبرن کي علائقي جي امن خاطر دُرست ڪري سگهي ٿي پر اُها ڪڏهن به نه چاهيندي، ڇو جو پ پ پ جو ووٽ بينڪ انهن قبيلائي سردارن جي طاقت سان آهي ۽ ڪا به سياسي پارٽي پنهنجو ووٽ بينڪ ڪنهن به قيمت ۾ وڃائڻ ناهي چاهيندي. رهي ڳاله پوليس جي ته ڪٿي ڪٿي بلڪل پوليس جون غلطيون آهن پر گهڻي ڀاڱي پوليس مڪمل بيوس بڻيل آهي. ايتري قدر جو ڪچي جي علائقن ۾ داخل ٿيڻ لاءِ روڊ رستا ناهن. ڪچن روڊن تي هلندي هلندي پوليس کي  شام ٿي وڃي ٿي. پوليس پڪٽون ٺاهين ٿا، جن ۾ ٻه سپاهي ۽ هڪ ايس ايڇ او آهي، جن کي مڪمل سهولتون ڪونه آهن. رات جو ڪچي مان اُٿي ڌاڙيل پوليس وارن کي قتل ڪري وڃن ٿا.

پوليس وٽ اهڙا جديد هٿيار ناهن. سندن ‘انفارمر’ ڪو نه آهن، جيڪي پوليس کي سچائيءَ سان صحيح نموني گائيڊ ڪن. ٻي وڏي ڳالهه ته جتي پوليس مقابلو ڪري ٿي، ڪجهه قدر ڪامياب ٿئي ٿي پر اڪثر ائين ٿئي ٿو ڌاڙيل وڙهندي وڙهندي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ نڪري ويندا آهن. مطلب ته هڪ ڪچي کان ٻئي ڪچي منتقل ٿي ويندا آهن يا ڪيا ويندا آهن. سندن زخمي، پوليس کان اڳواٽ اسپتالن ۾ پهچي ويندا آهن. ان مان واضح آهي ته ڌاڙيلن وٽ ڪا طاقت آهي، جنهن جو هو ڀرپور فائدو وٺي رهيا آهن. انهن ڌاڙيلن جو وڏو نيٽورڪ آهي. گهوٽڪيءَ جو ڪچو هجي، سکر جو ڪچو هجي،  ڪنڌڪوٽ، لاڙڪاڻي جو ڪچو هجي يا رحيم يار خان جا ڪچي وارا علائقا هجن، هر هڪ وڏي ڌاڙيل جي ڪيٽي ٺهيل آهي. مينهوڳيءَ جي مند ۾ ٻيڙيون بيٺيون هونديون آهن. پڪي تي اچڻ لاءِ هر سهولت موجود آهي. انهن جا واٺا به جام آهن، جيڪي پوليس جي منهن تي پوليس جا، ڌاڙيلن جي منهن تي ڌاڙيلن جا  هوندا آهن پر يقينن ڌاڙيلن جا ڪجهه پڪا مُخبر به هوندا آهن، جن جي گهر جو سمورو خرچ ڌاڙيلن جي ذمي هوندو آهي. اُهي ڏسڻ ۾ سادا غريب يا وچولي طبقي جا لڳندا آهن پر اندر ئي اندر ۾ وڏي رٿابنديءَ سان ڪم ڪندا آهن. سنڌ جي هر ضلعي ۾ ڌاڙيلن جا ماڻهو موجود هوندا آهن، جيڪي عام ماڻهوءَ کان پوليس تائين هر خبر ‘مٿي’ پهچائين ٿا. اصل ۾ اهڙن مهُرن کي گرفتار ڪرڻ جي ضرورت آهي، جن کي ڌاڙيلن جي ٺڪاڻن، هٿيارن، ڏيتي ليتي جي مڪمل معلومات هوندي آهي. اهڙو آپريشن ڪرڻ جي ضرورت آهي، جنهن سان ڌاڙيلن جا مڪمل ٺڪاڻا تباهه ڪيا وڃن، جنهن لاءِ وڏي رٿابندي ۽ حڪومتي ساٿ جي ضرورت آهي.

آخر ۾ هڪڙي ڳالهه ضرور ڪنديس ته ڪنهن به مهذب معاشري جي سڃاڻپ ان جي ثقافت، ادب ۽ روين سان ٿيندي آهي. اسان پنهنجي ثقافت ۽ روين جي ڳالهه ڪريون ته اسان مڪمل طور پٺتي ٿيندا پيا وڃون. روز اسان کي بيگناهه ماڻهن جا لاش ملي رهيا آهن. سنڌ عورتن لاءِ مقتل گاهه بڻجي وئي آهي. ايتري قدر جو عورتن کي اغوا ڪري سندن سونا زيور لاٿا وڃن ٿا، ڀُنگ گهريو وڃي ٿو يا انهن سان زيادتي ڪئي وڃي ٿي. هي اسان ڪهڙن لاڙن طرف وڃي رهيا آهيون؟ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان کي نئين سري سان هن سماج جي تشڪيل ڪرڻي پوندي. وري رسول بخش پليجو، حيدربخش جتوئي، سائين جي ايم سيد، ڄام ساقي، فاضل راهو، زاهدا شيخ، جيجي زرينه بلوچ ۽ بينظير ڀٽو جهڙن مضبوط ڪردارن جي ضرورت آهي. انهيءَ سان گڏ هڪڙي ننڍڙي ڳالهه ته اسان کي ٻاهرين ملڪن جي تاريخ پڙهڻي پوندي ته اُهي ڪيئن ڪِري وري اُٿي بيٺا آهن. ڪيئن انهن اندر انسانيت سان پيار جو درس موجود آهي. هُو ڪيئن پنهنجن حقن ۽ ٻين جي حقن جي پروڙ ڪن ٿا. مطلب ته اسان کي گهڻو ڪجهه سکڻو پوندو ۽ ڳالهيون نه، عملي طور ڪم ڪرڻو پوندو، جنهن سان سئو سيڪڙو ته نه پر پنجاهه يا ٽيھ سيڪڙو نتيجا مليا، تڏهن به اسان پنهنجو رستو ڳولهي وٺنداسين.