اڪري چودڳي (ن پ ا) اڪري چودڳي ڀرسان ڳوٺ جهانيان آباد مان پيار جي پرڻي جي پلاند ۾ اغوا ٿيل عورت ۽ ٻن پٽن بازيابي لاء وارثن پاران پريس ڪلب اڪري چودڳي اڳيان لڳل احتجاجي ڪئمپ۾ مسلسل ڏهين ڏينهن به احتجاج  جاري رهيو احتجاج کي 10 ڏينهن گذرڻ باوجود کين انصاف نه ملي سگهيو، مسمات الھه جوائي ۽ ٻن معصوم پٽن احسان ۽ زوهيب جي بازيابي لاءِ محمد پريل ، پرويز علي، معشوق علي، معصوم آمنا، حسينه، شعيب  لاشاري ۽ ٻين عورت ۽ ٻن ٻارن جي بازيابي تائين احتجاج جاري رکڻ جو اعلان ڪيو آهي، مظاهرين انساني حقن عورتن ۽ٻارن جي حقن سماجي تنظيمن سميت چيف جسٽس آف هاءِ ڪورٽ سنڌ، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر، ايس ايس پي خيرپور ۽ ٻين وس وارن کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي.