ملير: سنڌي وسندين تي قبضي جي ڪوشش دوران مقامي ماڻھن کي زخمي ڪرڻ واري ڪيس ۾ بحريا ٽائون جا 13 سيڪيورٽي گارڊ گرفتار

0
588
بحريا ٽائون ڪيس: صنعان قريشي، ڊاڪٽر قادر مگسي، رياض چانڊيو ۽ ٻيا پيش

ملير (رپورٽر) ملير ۾ سنڌي وسندين تي قبضي جي ڪوشش دوران مقامي ماڻهن کي زخمي ڪرڻ واري ڪيس ۾ بحريه ٽائون جا 13 سيڪيورٽي گارڊ گرفتار ٿي ويا، گڏاپ پوليس ڪيس ۾ نامزد چيف سيڪيورٽي آفيسر رٽائرڊ ڪيپٽن رٽائرڊ ڪيپٽن عامر ظهور ۽ رٽائرڊ ڪمانڊر زاهد سوڌو ٻين کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي، وڏي وزير طرفان بحريه ٽائون انتطاميا جَي قديمي ڳوٺن تي قبضي لاءِ چڙهاين جو نوٽيس وٺڻ بعد بن قاسم ٽائون پوليس معاملي جو ڪيس داخل ڪيو هو، گڏاپ جي مختيارڪار عبدالحق چاوڙو، تپيدار حبيب الله ۽ ايس ايڇ او گڏاپ سوڌو 4 عملدارن کي معطل ڪيو ويو هو، ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته بحريه ٽائون انتظاميا مختلف ماڻهن ذريعي لالچ سان گڏ ڌمڪيون ڏياري رهي آهي، ڪجهه به ٿئي، اباڻا ڪک ڪنهن به صورت ۾ خالي نه ڪنداسين.