ملاڪاتيار (ن پ ا) ملاڪاتيار ڀرسان ڳوٺ جمال شورو ۾ پيرسن جو وڻ ۾ ٽنگيل لاش هٿ آيو، جنهن جي سڃاڻپ جمال شورو واسي 57 ورهين جو رمضان شورو طور ٿي. ڳوٺاڻن جي اطلاع ته ملاڪاتيار پوليس پهچي لاش ضروري ڪاروائي لاءِ سول اسپتال ٽنڊومحمدخان منتقل ڪيو. پوليس موجب وارثن جو چوڻ آهي ته پيرسن چوپايو مال چاريندو هو گهرو پريشانين کان تنگ اچي آپگهات ڪيو آهي، جڏهن ته ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو ته گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.