باڊهه: مبينا تشدد ۾مارجي ويل نينگر جي وارثن ايس ايڇ او کي معاف ڪري ڇڏيو

0
325

باڊھ (ن پ ا)  ايئرپورٽ پوليس جي مبينا تشدد ۾ فوت ٿي ويل 13 سالن جي نينگر ڪامران ابڙو وارو معاملو، ايس ايڇ او لياقت کجڙ ڳوٺ جا معزز ماڻھو ساڻ ڪري ٿاڻي جو سڄو عملو وٺي فوتي نينگر جي وارثن وٽ تڏي تي پهچي ويو.

فوتي نينگر ڪامران ابڙو جي والد نواب ابڙو جو چوڻ آهي ته اسان ايس ايڇ او لياقت کجڙ کي ڳوٺ جي معزز ماڻھو ۽ ٿاڻي جو سڄو عملو وٺي اچڻ تي کيس معاف ڪري ڇڏيو آھي.

نواب ابڙو جو چوڻ آهي ته هو چوي ٿو مان قرآن پاڪ جو قسم کڻي چوان ٿو ته مان نينگر تي تشدد ناهي ڪيو، مان بيگناهه آھيان، مون کي معاف ڪيو، جنهن تي کيس اسان معاف ڪيو آهي.