مقصودو رند (ن پ ا) مقصودو رند لڳ شاخ مان تازي ڄاول ٻار جو لاش هٿ، لاوارث قرار ڏئي دفنايو ويو. ان ڏس ۾ مقصودو رند ويجهو بابو ڇن شاخ جي پڇڙي ۾ تازي ڄاول ٻار جو لاش لڙھندي ڏسي ڳوٺاڻن پوليس کي اطلاع ڪيو. ان سلسلي ۾ شاهپور چاڪر پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ٻار جو لاش شاخ مان ڪڍارئي ضروري ڪارروائي بعد لاش کي دفائي ڇڏيو.