فريدآباد(ن پ ا) ڪجهه مھينا اڳ روڊ حادثي ۾ زخمي ٿيل چڱي مڙس جو نوجوان پٽ فوت ٿي ويو جنهن جي صدمي ۾ ڏاڏي به دم ڏئي ڇڏيو. فريدآباد ويجهو ڪاڇي واري علائقي ڳوٺ گڙتل جي چڱي مڙس رئيس سانوڻ خان رند جو ڪجهه مھينا اڳ موٽرسائيڪل روڊ حادثي ۾ زخمي ٿيل نوجوان پٽ عبدالستار رند ھڪ ڏينھن اڳ فوت ٿي وڃڻ جي صدمي ۾ اڄ سندس ڏاڏي به فوت ٿي وئي، جڏهن ته ھڪ ئي گهر مان پٽ ۽ ماءُ جي وڇڙي وڃڻ جي صدمي ۾ رئيس سانوڻ خان رند ۽ سندس گهر واري کي پڻ دوراپئجي رھيا آھن. ٻي طرف علائقي جي سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن پاران رئيس سانوڻ خان رند سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي.